لاهور (م ڊ) جاتي امرا ۾ ن ليگ جي قيادت نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي ملاقات ٿي جنهن ۾ پيپلزپارٽي سان ٽڪراءُ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ گڏيل مشاورت ذريعي اختلافن کي مرحلي وار ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ملاقات ۾ ٽن اهم سياسي ۽ حڪومتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان مريم نواز پيپلزپارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي هئي. هاڻي اهم ملاقات ۾ مريم نواز پ پ سان اختلافن جي پردي پٺيان محرڪن کان اگاهه ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پارٽي قائد کي پ پ قيادت سان رابطن بابت بريفنگ ڏني. نواز شريف فلسطين ۾ امن لاءِ حڪومتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، وزيراعظم نواز شريف کي آزاد ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڊونلڊ ٽرمپ ۽ عرب سربراهن جي تازن رابطن جي به ڄاڻ ڏني. نواز شريف چيو ته پاڪ سعودي معاهدي پاڪستان جي اهميت وڌائي ڇڏي آهي ۽ اختلاف معاملن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هن حڪومت تي زور ڏنو ته ڪشميرين جي جائز مطالبن تي عمل ڪيو وڃي ۽ فساد ڀڙڪائيندڙن کي جوابده بڻايو وڃي.