سنڌ جي زرعي معيشت حڪومتي نااهلي سبب تباهي جي ڪنڌيءَ تي آهي. هارين کي سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ وارو مسئلو ڪا نئين ڳالهه ناهي. هر سال جڏهن پوک جو موسم ايندي آهي ته هاري ان اميدن سان پنهنجي زمين ۾ ٻج وجهندو آهي. ته هيءَ محنت کيس خوشحالي ڏياريندي، ٻارن جي تعليم لاءِ وسيلا پيدا ٿيندا، گهر ۾ خوراڪ ۽ زندگيءَ لاءِ سک ۽ آرام ايندو. پر جڏهن فصل لهي ٿو ته منڊيءَ ۾ واپاري ۽ وڏيرا گڏ ٿي، اگهه کي پنهنجن مفادن جي حساب سان مقرر ڪن ٿا. حڪومت جيڪا ڪاغذن ۾ خودڪفالت ۽ زراعت جي ترقيءَ جون ڳالهيون ڪندي آهي، اها عملي طور تي هارين لاءِ ڪو به تحفظ جو نظام نه ٺاهي سگهي آهي.
هارين جي حالت ان ڪري به وڌيڪ خراب آهي جو ساريءَ جي فصل ۾ محنت، وقت ۽ خرچ ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ لڳندو آهي. زمين کي تيار ڪرڻ کان وٺي ٻج وجهڻ، پوک جي سنڀال ڪرڻ، پاڻي ڏيڻ، ڀاڻ، دوا ۽ آخر ۾ لڻڻ تائين هڪ ڊگهو عمل آهي، جنهن ۾ هر قدم تي خرچ آهي. پر جڏهن اها پيداوار منڊيءَ تي وڃي ٿي ته هاريءَ کي پنهنجي خرچن جي ڀيٽ ۾ به مناسب رقم نٿي ملي. هو قرضن ۾ وڌيڪ ٻڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته فصل تي خرچ ڪيل پئسا گهڻو ڪري سود تي وٺيل هوندا آهن، جيڪي واپارين ۽ پئسن وارن کان ورتل هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هاريءَ جو جياپو خوشحاليءَ بدران دائمي قرضن ۽ بک ڏانهن هلي ٿو وڃي.سرڪار طرفان وقت بوقت سپورٽ پرائيس جي اعلان جو واعدو ڪيو ويندو آهي، پر ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي. سپورٽ پرائيس جو مطلب اهو آهي ته حڪومت ڪنهن به زرعي پيداوار جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه مقرر ڪري، جيئن هاريءَ کي پنهنجي محنت جو جائز معاوضو ملي سگهي. پر سنڌ ۾ هارين لاءِ ساريءَ جي فصل ۾ اهڙو ڪو نظام عملي طور تي موجود ناهي. نتيجي ۾ واپاري هارين کي مجبور ڪري گهٽ اگهه تي فصل خريد ڪن ٿا. هاريءَ لاءِ پنهنجو فصل منڊيءَ ۾ رکي ڇڏڻ يا واپس کڻي وڃڻ جو ڪو به اختيار ناهي، ڇو ته کيس روزانه خرچن، قرضن ۽ گهر جي ضرورتن لاءِ تڪڙي رقم گهرجي.هارين جي هن بدحاليءَ جو وڏو سبب حڪومت جي بيحسي آهي. زرعي پاليسيون ڪاغذن کان اڳتي وڌي ئي ناهن سگهيو. زراعت جي ترقيءَ جي دعوائن ۾ اربين رپين جا منصوبه بنديءَ جا اعلان ٿين ٿا، پر اهي رقمون ڪڏهن به اصل هارين تائين ٿيون نه پهچن. وڏيرا ۽ واپاري جيڪي حڪومتي ڍانچن سان ڳنڍيل آهن، اهي ئي سبسڊي ۽ سهولتون حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته اصل هاري جيڪو صبح شام زمين سان جڙيل آهي، اهو خالي هٿ رهي ٿو.
سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ هاريءَ جي اهميت انتهائي گهڻي آهي. هو رڳو زمين پوکڻ وارو نه آهي، پر سنڌ جي ثقافت، سنڌي گيتن ۽ سنڌي وجود جي سڃاڻپ سان جڙيل آهي. هن جي محنت مان ئي شهرن جا بازار آباد آهن، شهرين جا ٿالهه ڀرجي رهيا آهن، ۽ ملڪ جي معيشت کي سهارو ملي رهيو آهي. پر افسوس جو اهو ئي هاري پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري ٿو ته سندس آواز ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. سندس رت ۽ پسيني سان ڀريل فصل جي قيمت ٻين جي کيسي ۾ وڃي ٿي، ۽ هو پاڻ خالي ٿانون سان گهر موٽي ٿو.ساريءَ جو مناسب اگهه نه ملڻ رڳو هارين جو مسئلو ناهي، پر اها سماجي بي انصافيءَ جي علامت آهي. جڏهن سماج ۾ محنت ڪندڙ طبقي کي سندس حق نٿو ملي ته ان جو نتيجو مايوسي، بددلي ۽ غربت جي صورت ۾ نڪري ٿو. غربت وڌڻ سان گڏ سماجي ڏوهه، بيروزگاري ۽ ماڻهن ۾ بدامني وڌندي آهي. هڪ خوشحال سماج ان وقت ئي ٺهي سگهي ٿو جڏهن هر طبقي کي سندس محنت جو منصفاڻو صلو ملندو. پر سنڌ جي هارين سان ٿيندڙ هي زيادتي سماج کي وڌيڪ عدم توازن ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ هارين جون جدوجهدون ڪنهن کان لڪل نه آهن. هارين هميشه پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي، ڪڏهن وڏيرن خلاف، ڪڏهن حڪومت خلاف ۽ ڪڏهن مارڪيٽ جي استحصالي نظام خلاف. پر انهن جدوجهدن کي هميشه طاقت، ڌمڪين ۽ سياسي رياڪاريءَ سان دٻايو ويو آهي. موجوده صورتحال ۾ به جيڪڏهن هارين کي مناسب اگهه نه ڏنو ويو ته ممڪن آهي ته هو ٻيهر وڏي احتجاجي لهر جو حصو بڻجن. اهڙي احتجاجي تحريڪ رڳو هارين جو حق نه هوندي، پر اها سنڌ جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو سوال هوندو، ڇاڪاڻ ته زرعي معيشت کانسواءِ سنڌ جو تصور ئي اڻپورو آهي.
اسان کي ان حقيقت کي به نه وسارڻ گهرجي ته سارين جي فصل جو بحران رڳو هارين تائين محدود ناهي. جيڪڏهن هارين کي مناسب اگهه نه ملندو ته هو ايندڙ سال ساري پوکڻ ۾ دلچسپي نه وٺندو، جنهن جو نتيجو اناج جي کوٽ جي صورت ۾ نڪرندو. جڏهن اناج جي کوٽ ٿيندي ته شهرن ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ايندي، جيڪا سڌي ريت هر شهري کي متاثر ڪندي. ان جو مطلب آهي ته هارين کي اگهه ڏيڻ رڳو سندن حق جو سوال ناهي، پر اها پوري سماج جي بقا جو سوال آهي. سرڪار کي فوري طور تي هارين لاءِ ساريءَ جو سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ گهرجي، ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ گهرجي. منڊيءَ ۾ واپارين جي اجاره داري ختم ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هارين کي قرضن جي بدحاليءَ مان ڪڍڻ لاءِ بغير سود وارا قرض ۽ سبسڊي فراهم ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ هارين لاءِ سڌي سنئين مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو انتظام ڪرڻ گهرجي، جيئن هو پنهنجي پيداوار سڌو صارف تائين پهچائي سگهي، ۽ وچولي واپارين کان آزاد ٿي سگهي.
حڪومت کي هارين لاءِ اهڙا پاليسي قدم کڻڻا پوندا، جيڪي عملي طور تي سندن زندگيءَ ۾ بهتري آڻين. جيڪڏهن اڄ هارين کي سندن حق نه مليو ته ايندڙ نسلن کي نه رڳو بک ۽ بدامنيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو، پر اسان جي ڌرتيءَ جو زرعي سون به هٿن مان نڪري ويندو. سنڌ جو هاري اڄ به پنهنجي پٽ ۾ ٻج وجهندي اها اميد رکي ٿو ته سندس محنت جو ملهه ضرور ملندو. سندس اکين ۾ اهو خواب اڄ به زنده آهي ته هن ڌرتيءَ تي انصاف ٿيندو، سندس ٻار بک کان بچندا، ۽ سندس ڌرتيءَ مان پيدا ٿيل اناج انصاف سان ورهايو ويندو.