مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي وفاقي حڪومت سان ٿيل ڳالهين ۾ منظور ڪرايل سڀني مطالبن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، ڪميٽي سوشل ميڊيا تي معاهدي جون تصويرون شيئر ڪندي ٻڌايو ته "الحمدلله، اسان 38 مطالبا کڻي نڪتاسين ۽ 42 منظور ڪرائي آياسين، بيان ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت گڏجي سڀ مطالبا تسليم ڪري ڇڏيا آهن، معاهدي جي اهم نڪتن موجب آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ انهن جي جاچ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن ٺهندي آڪٽوبر ۾ شهيد ٿيندڙ شهرين جي وارثن کي پوليس اهلڪارن جيترو معاوضو ۽ زخمين کي في فرد 10 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته شهيد ٿيلن جي وارثن کي 20 ڏينهن اندر نوڪري ڏني ويندي، مظفرآباد ۽ پونڇ ڊويزن ۾ ٻه نوان تعليمي بورڊ، هر ضلعي ۾ سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ مشين ۽ 15 ڏينهن اندر صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام جي بهتري لاءِ 10 ارب رپيا مهيا ڪندي، جڏهن ته قانون ساز اسيمبلي جا ميمبر ۽ صلاحڪار گهٽائي 20 ڪيا ويندا.