رياستي جبر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي:فاضل جميلي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ٻين عهديدارن اسلام آباد پريس ڪلب  تي پوليس جي حملي ۽ صحافين تي ٿيل بيدرد تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي افسوسناڪ واقعو نه رڳو آزاديءِ صحافت تي سڌو سنئون حملو آهي پر جمهوريت جي قدرن کي لتاڙڻ جي برابر آهي۔ڪراچي پريس ڪلب کان جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهڙا قدم رياستي جبر جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن۔ هنن چيو ته هڪ طرف حڪومت آزاديءِ صحافت جي تحفظ جا وڏا وڏا دعوائون ڪري ٿي، پر ٻي طرف ساڳي حڪومت جا ادارا ميڊيا کي دٻائڻ لاءِ طاقت استعمال ڪري رهيا آهن۔ اسان هن غير جمهوري روئيي جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت کان فوري تحقيقات جو مطالبو ڪريون ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.