حيدرآباد( رپورٽر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب تي چڙهائي ۽ صحافين تي پوليس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، ملوث پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر نائب صدر خالد کوکر، ميمبر ايف اي سي پي ايف يو جي لالا رحمان سمون، اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر محمد وسيم خان ۽ جنرل سيڪريٽري جام فريد لاکو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران احتجاج جي ڪوريج ڪندڙ صحافين تي تشدد ۽ نيشنل پريس تي چڙهائي کليل غنڊا گردي آهي، جنهن جي فوري جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف فوري ڪارروائي ڪري کين عبرت جو نشانو بڻايو وڃي۔