اسلام آباد پريس ڪلب واقعي تي وفاقي سرڪار معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ چيو آهي ته نئشنل پريس ڪلب اسلام آباد تي  پوليس اهلڪارن جو حملو تاريخ جو بدترين ۽ ڪارو ترين واقعو آهي۔اسلام آباد پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ عملي تي ٿيل پوليس تشدد خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان مارشل لا، ايمرجنسي ۽ ايمرجنسي پلس جا دور ڏٺا آهن، پر اهڙو واقعو انهن دورن ۾ به نه ٿيو، وفاقي پوليس پريس ڪلب اندر گهڙي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، ڪچن ۾ گهڙي ٿانو ٽوڙيا، ۽ فوٽوگرافرز ۽ وڊيو جرنلسٽن کي تشدد جو نشانو بڻايو۔ جيڪڏهن هن واقعي تي اکيون بند ڪيون ويون ته پوءِ ٻين شهرن ۾ به اهڙا واقعا ٿي سگهن ٿا۔ ان موقعي تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته هن واقعي تي اسان غير مشروط معافي ٿا وٺون،جڏهن ته محسن نقوي ان حوالي سان اندروني جاچ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.