ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ قربان عرف قربو ڪوش ۽ سخي شر گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا. ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جاري رهڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. اطلاعن موجب ٻنهي ڌرين ۾ ڪجھ سال اڳ مينهن چوري جي معاملي تان تڪرار شروع ٿيو هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. تازي جهيڙي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا. واقعي واري هنڌ تي ڪشمور گيهلپور پوليس نه پهتي، جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه سندن وارث پاڻ کڻي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙيندڙ ڌرين جو مختلف ٿاڻن تي ڪرمينل رڪارڊ موجود آهي.