غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻن حملن ۾ وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اسرائيلي  فضائي ۽ زميني حملن ۾ رهائشي عمارتون، اسڪول ۽ پناهه گاهون ڊهي پيون. صيهوني فوج طرفان غزا ڇڏيندڙ بيگناهه فلسطينين کي به نشانو بڻايو ويو، خوراڪ جي انتظار ۾ بيٺل 2 فلسطيني شهيد ۽ 44 زخمي ٿي پيا. تازن انگن اکرن موجب، مجموعي طور تي شهيدن جو انگ 66 هزار 225 ٿي ويو ۽ زخمي هڪ لک 68 هزار 938 ٿي ويا آهن. هٿرادو ڏڪار سبب 2 هزار 582 ماڻهو حياتي وڄائي ويٺا ۽ 18 هزار 974 زخمي ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.