پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان 1967 جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسطيني  رياست جي حمايت ڪري ٿو، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف هجي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ عالمي صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته فلوٽيلا ۾ 40 کان وڌيڪ ٻيڙيون شامل هيون جن تي 500 کان وڌيڪ بين الاقوامي رضاڪار غزه جي مظلوم عوام لاءِ امداد کڻي پيا ويا. اسرائيل پاران انهن انساني همدردي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ بي گناهه شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.