لنڊن (م ڊ) برطانيا جي شهر مانچسٽر ۾ يھودي عبادتگاهه هيٽن پارڪ هيبرو ڪانگريگيشن سينيگوگ جي ٻاهران حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حملي آور ڪار ذريعي واٽهڙن کي چيڀاٽڻ بعد سيڪيورٽي گارڊ تي چاقو سان حملو ڪيو. پوليس فائرنگ ڪري حملي آور کي ماريو، پر شڪ آهي ته سندس وٽ بم موجود هو، جنهن ڪري بم ڊسپوزل اسڪواڊ طلب ڪيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب، ڪار پهرين سينيگوگ جي دروازي سان ٽڪرائي ۽ پوءِ حملي آور هٿ ۾ چاقو کڻي ماڻهن تي حملو ڪيو. پوليس فوري طور تي اندر موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو. وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر حملي جي مذمت ڪندي يورپ ۾ اجلاس ڇڏي ايمرجنسي سيڪيورٽي ميٽنگ لاءِ واپس ڏيهه پهتو. بادشاهه چارلس (ٽئين) به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان کي يھودي برادري لاءِ انتھائي صدمو ڏيندڙ واقعو سڏيو. پوليس موجب، سڄي برطانيا ۾ سينيگوگز جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي.