تل ابيب/غزا (م ڊ) گذريل ڏينهن 2 آڪٽوبر تي عدم تشدد جي عالمي ڏينهن تي اسرائيلي فورسز غزا امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي حملو ڪري سويڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ، پاڪستان سان واسطو رکندڙ اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت 37 ملڪن سان واسطو رکندڙ 200 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ احتجاج شروع ٿي ويو. گرفتارين جي باوجود، گلوبل صمود فلوٽلا جي 44 ٻيڙين مان 4 غزا ڏانهن پنهنجو مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ سفر ڪري رهيون آهن، باقي 40 ٻيڙيون اسرائيلي نيوي پاران روڪيون ويون آهن. اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان گلوبل صمود فلوٽلا تي پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. گلوبل صمود فلوٽلا جي ترجمان سيف ابو ڪشيڪ انسٽاگرام تي ٻيڙيون روڪڻ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سندن مشن جاري آهي. هوڏانهن فلوٽيلا تي حملي ۽ گرفتارين خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج شروع ٿي ويو. اٽلي، يونان، اسپين، برازيل، ڪولمبيا، ارجنٽائن ۽ ٻين ملڪن ۾، وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪتا ۽ ڌرڻا هنيا. استنبول ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون وڏي انگ ۾ شهرين احتجاج ڪيو. اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران پاڪ، فلسطين فورم پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو. اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل فلوٽلا ڪارڪن پرامن طريقي سان اسرائيل ڏانهن وڌي رهيا آهن. حراست ۾ ورتل ماڻهن کي يورپ واپس موڪلڻ لاءِ هاڻي ڊيپورٽيشن جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڏکڻ آفريقي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو پوٽو، منڊلا منڊيلا پڻ فلوٽيلا جو حصو آهي. جڏهن اسرائيلي جهاز سندس ٻيڙي جي ويجهو آيا، ته هن غزا ڏانهن محفوظ رستو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. اسرائيلي پرڏيهي وزارت بيان ڏنو هو ته مسافرن کي اسرائيلي بندرگاهه منتقل ڪيو ويو، گريٽا ٿنبرگ ۽ سندس ساٿي صحتمند ۽ محفوظ آهن.