اسلام آباد(شيراز پراچا) اسرائيل ئي منصوبي کي سبوتاژ ڪري ڇڏيوامريڪا جي غزہ امن منصوبي کي پاڻ اسرائيل ئي سبوتاز ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ خصوصي ملاقات ۾ اٺ مسلمان ملڪن جي ليڊرن سان غزا ۾ جنگ بندی جي هڪ منصوبي تي متفق ٿيو، جنهن ۾ واضح طور اسرائيلي ۽ مغربي مفادن کي ترجيح ڏني وئي هئي.هي منصوبو حقيقت ۾ غزاکي هڪ نئين آمريڪي-اسرائيلي نوآبادياتي ڪالوني بڻائڻ جو منصوبو آهي، جنهن لاءِ گورنر جنرل جو عهدو انسانيت مخالف شخصيت ٽوني بليئر جي نالي تجويز ڪيو ويو ، جيڪو افغانستان، عراق، ليبيا ۽ شام ۾ ڪيترا ئي بيگناهه شهرين جي قاتل سمجهيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ٽوني بليئر برطانيه جي سڀ کان وڌيڪ اڻ پسنديده سمجهيل وزيراعظم مان هڪ آهي.شروع کان هي، آمريڪي منصوبي ۾ انتهائي ناجائز پهلو هئا، پر ڇاڪاڻ ته منصوبي ۾ فلسطيني ماڻهن کي ڪجهه معمولي رعايتون ڏنيون ويون هيون، جيئن اسرائيل جي طرفان قتل عام جو عارضي طور روڪڻ ۽ غزہ مان قابض اسرائيلي دستن جي واپسي ،تنهنڪري مسلمان ليڊرن جي نمائندن ڪجهه شرطن سان منصوبي تي اتفاق ڪيو. پر جڏهن بعد ۾ اسرائيلي وزيراعظم ئي بنيامين نيتن ياهو ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، تڏهن نيتن ياهو منصوبي ۾ تبديليون ڪرايون انهن تبديلين اُن منصوبي کي بدلائي ڇڏيو جنهن تي مسلمان ملڪن اتفاق ڪري چڪا هئا.صدر ٽرمپ تي ڪئي ويندڙ عام تنقيد اها آهي ته هو پنهنجي ڳالهه تي برقرار نه رهندو؛ هو اڪثر آخري ملاقات ڪندڙ جي ڳالهه مڃي ٿو ۽ اڳين فيصلن کي تبديل ڪرائي ڇڏيندو آهي. هن دفعي پڻ، مسلمان ملڪن جي ملاقات کان پوءِ نيتن ياهو جي ملاقات ٽرمپ جي فيصلن کي تبديل ڪرائي ويئي. پوءِ اسرائيل جي منصوبي جي اعلان کان پوءِ مسلمان ملڪن تي دٻاءُ وڌايو ويو ته اهي به ان کي سهڪار ڪن.ٽرمپ جي هن يو ٽرن واري عادت سبب آمريڪا جي اعتبار کي نقصان پهتو آهي، پر جڏهن معاملو اسرائيل جو ٿئي ته آمريڪا جو ڪنھن به صدر جي اسرائيل جي اڳيان نه هلڻ جو تجربو ظاهري آهيآمريڪا جي مدد ۽ اسرائيل جي بيحد بيرحمي جي باوجود، فلسطينين جي پنهنجي وطن تي قائم رهڻ جي جدوجهد ۽ مسلسل موت ۽ بک جي برداشت عالمي راءِ عامه کي اسرائيل ۽ آمريڪا جي خلاف مائل ڪري ڇڏيو آهي. انهي حالات ۾، ڪيترن سالن کان پوءِ فلسطيني رياست جي قيام جا امڪان ٻيهر پيدا ٿيا، جنهن جي بنياد فلسطينين جي لافاني جدوجهد، قربانين ۽ عالمي حمايت هئي.اهڙي صورتحال ۾، آمريڪا ۽ اسرائيل کي پنهنجي وڌندڙ عالمي اڪيلائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وقت ۽ وقفو گهربل آهي، ته جيئن فلسطيني ڪيس تي عالمي حمايت ٿوري گهٽ ٿئي. تنهنڪري غزہ امن منصوبي جهڙو سامراجي منصوبو انهن لاءِ آسان سبب آهي، جنهن جو مقصد فلسطين رياست جي تصور کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ آهي.ساڳي وقت، فلسطين عوام جو قتل عام فوراً بند ڪرڻ نهايت ضروري آهي، جنهن لاءِ سمجھوتي جا رستا ڳولڻ لازمي آهن. آمريڪا اسرائيل کي روڪي سگهي ٿو پر شايد روڪي نه. هن وقت وڏيون آمريڪي ٽيڪ ڪمپنيون جهڙوڪ گوگل، ميٽا، مائڪروسوفٽ، اوپن اي آءِ ۽ ٻيون پڻ اسرائيل سان گڏ بيٺل آهن. سڀئي وڏا ميڊيا ڪارپوريشنز هن وقت انتهائي مالدار، بااثر ۽ اسرائيل نواز ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهن. وڏيون بئنڪون ۽ ملٽري-انڊسٽريل ڪمپليڪس پڻ اسرائيل جي مدد ڪن ٿا. انهي طاقتور نظام جي گرفت کي ٽوڙڻ لاءِ عالمي عوامي تحريڪ ۽ غير مغربي متبادل قوتن جي ضرورت آهي. جڏهن تائين اهو نظام ٽٽي نه پوي، فلسطين آزاد نه ٿي سگهي، ۽ اسرائيل اهڙي طرح باهه ۽ خونءَ جون نديون وهائيندي پنهنجا قدم وڌائيندو رهندو.