آزاد ڪشمير ۾ چڪريون، 3 اهلڪار ۽ شهري مارجي ويا، حڪومت پاران ڳالهين جي آڇ

مظفر آباد(م ڊ) پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ گڏيل ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري رهي، جڏهن ته حڪومت چڪرين دوران ٽن اهلڪارن سميت ڪيترائي شهري مارجڻ ۽ 170 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. حڪومت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. اربع ڏينهن  ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال ٿي، ۽ ڪشمير کي پاڪستان سان ملائيندڙ رستا مڪمل طور تي بند رکيا ويا. حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي ايڪشن ڪاميٽي کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. پارلياماني معاملن جي  وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوارالحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي مظفرآباد ۾ گڏيل ايڪشن ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪيون. طارق فضل چوڌري چيو ته ايڪشن ڪاميٽي جا 90 سيڪڙو مطالبا آزاد ڪشمير حڪومت اڳ ۾ ئي مڃي ورتا هئا، اسين وفاقي وزير ضامن هئاسين ته انهن تي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، انهن جي واپسي جو مطالبو به تسليم ڪيو ويو، بجلي سان لاڳاپيل مسئلا به حل ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته ٻه اهڙا مطالبا آهن جن لاءِ آزاد ڪشمير جي آئين ۾ ترميم لازمي آهي، يعني مهاجرن جون سيٽون ختم ڪرڻ ۽ وزيرن جي تعداد ۾ گهٽتائي. طارق فضل چوڌري  چيو ته باقي ٻن مطالبن تي به کليل دل سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، گذارش آهي ته احتجاج بدران ڳالهين سان معاملا حل ڪيا وڃن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ هن احتجاج جي ضرورت نه هئي، ايڪشن ڪاميٽي احتجاج کي بند گهٽي ۾ وٺي وئي آهي، احتجاج سان ڪو فائدو نه ٿيندو. وزيراعظم آزاد ڪشمير انوارالحق پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان جي پوليس جا ٽي جوان شهيد ٿيا آهن، ۽ 170 کان وڌيڪ زخمي آهن، جن مان 8 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته حڪومت مظاهرين جا جائز مطالبا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پوليس هجي يا شهري ڪنهن به انسان جي جان سڀ کان اهم آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته مظفرآباد ۽ راولاڪوٽ ۾ ڪابينا جا ميمبر موجود آهن، جتي به ايڪشن ڪاميٽي چاهي، ڳالهين جو عمل بحال ڪري سگهن ٿا. چوڌري انوارالحق چيو ته پرتشدد احتجاج ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿيندو، اسڪول کي باهه لڳائڻ سان عوامي حقن کي دفن ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي ايڪشن ڪاميٽي کي ڳالهين جي دعوت ٿو ڏيان، ڇو ته ڳالهين کانسواءِ هاڻي ٻيو ڪو رستو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.