سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن:مرتضيٰ جتوئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جو سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن سميت پيش ٿيو جتي عدالتي ڪاروائين جي بائيڪاٽ سبب ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته سال 2008ع کان پوءِ رواداري واري سياست نه رهي آهي، اسان به ڪافي ڀيرا حڪومتن ۾ آياسين پر مخالفن کي اسان انتقام جو نشانو نه بڻايو، چونڊن ۾ بيهڻ هر ڪنهن جو حق آهي، سنڌ ۾ هڪ رسم رواج هئي ته ماڻهو هڪٻئي سامهون چونڊن ۾ بيهندا هئا پر ان کي ذاتي دشمني تصور ڪو نه ڪيو ويندو هو، هن چيو ته سنڌ مٿان عجيب قسم جي مخلوق مسلط ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، هاڻي ماڻهو بيزار ٿي ويا آهن سنڌ جي ماڻهن سان جيڪو حشر آهي جيڪڏهن بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت ۾ اهڙي قسم جي حڪمراني رهندي ۽ حڪمرانن پنهنجي روش نه مٽائي ته خدانخواسته مون کي نيپال، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙي صورتحال سنڌ ۾ نظر پئي اچي هن چيو ته 50 سيڪڙو کائڻ ۽ کيسن ۾ وڃڻو آهي، 20 سيڪڙو ٺيڪيدار ڪمائيندا ۽ 30 سيڪڙو ڪم ٿيندو ته پوءِ اسپتالن، رستن، ڪئنالن ۽ بندن سميت هر کاتي جو ساڳيو ئي حال هوندو. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ پيپلز پارٽي نعرو هو جنهن ڪري اسان سڀئي گڏ ٿياسين، شهيد ڀٽو کان پوءِ پيپلز پارٽي اُها پيپلز پارٽي نه رهي تنهن ڪري اسان 1986ع ۾ پيپلز پارٽي ڇڏي وياسين ان کان پوءِ پيپلز پارٽي 50 سيڪڙو بچي هئي هاڻي ته ان پارٽي کي مافيا يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، مافيا وانگر حڪمراني آهي ۽ سياسي طرز واري حڪمراني ناهي. هن چيو ته پاڻي تي سڀني صوبن جو حق آهي، پاڻي رڳو پنجاب نه پر سڀني صوبن جو حق آهي، ان ۾ پڇڙي وارن جو سڀني کان وڌيڪ حق هوندو آهي، اسان کي هميشه اِهو خدشو رهيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهندو ته سنڌ جو پاڻي روڪيو ويندو، هن چيو ته ملڪ ۾ 27 هين ترميم جي ڳالهه هلي پئي، مان پهريان به چيو هو ته ڊسمبر تائين ڪجهه به ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ڪجهه به نه ٿيو ته به هائبرڊ ڊيموڪريسي واري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي نظر نه پئي اچي. مڊٽرم اليڪشن سال اڳ يا ٻه سال اڳ ٿيندي مون کي نظر پئي اچي. هن چيو ته مريم نواز سياست ۾ نئين آهي، مان ميان نواز شريف سان ٽي ڀيرا ڪم ڪيو آهي هو اهڙي ڳالهه نه ڪري ها، جيڪڏهن مريم نواز پير سائين پاڳاري کي نه ٿي سڃاڻي ته پوءِ منهنجو مريم کي مشورو آهي ته کيس تاريخ ضرور پڙهڻ گهرجي ته پوءِ کيس خبر پئجي ويندي ته پير سائين پاڳارو سندن جو والد، ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو ڪير هو ۽ پيرپاڳارو ڇا آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.