انساني سماج هميشه خوشحالي ۽ مصيبت جي وچ ۾ ساهه کڻندو رهيو آهي. ڪڏهن زراعت جي اضافي پيداوار ماڻهن جي روزاني زندگي کي آسان بڻائي ڇڏي ٿي، ته ڪڏهن بک ۽ مهانگائي جي عذاب انهن جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏي ٿو. پر هن جديد دور ۾ به، جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. تڏهن به، اسان جا ڳوٺاڻا ۽ اسان جا شهري مزدور ۽ اسان جا غريب خاندان بک،مهانگائي، غربت ۽ محرومي جي دوزخ ۾ سڙڻ تي مجبور آهن.ان سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي جي بلندين تي پهچي رهي آهي، جڏهن ته اسان اڃا تائين کاڌي ڪاڻ پنهنجو پيٽ ڀرڻ لا جدوجهد ڪري رهيا آهيون. غربت صرف دولت جي ناهي؛بلڪه ماڻهو زندگي جي بنيادي حقن کان به محروم آهن. کائڻ کان سوا بکيو سمهڻ. بيماري جون علامتون نه محسوس ٿيڻ، ٻارن کي تعليم لا اسڪول نه موڪلڻ ۽ عزتدار ماڻهن کي عزت خاطر سماج ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي.غريب جي زندگي ۾ خواب گهٽجي ويندا آهن. اميدون ٽٽي وينديون آهن ۽ خواهشون پوريون نه ٿينديون آهن.
اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا مسڪين آهن جنهن وٽ ڏينهن ۾ ٻه ويلا ماني به نه ملندي آهي. شهري علائقن ۾، هڪ مزدور صبح کان شام تائين سخت محنت ڪندو آهي پر شام جو، هن وٽ پنهنجي ٻارن کي پيئڻ لا کير جو گلاس به نه هوندو آهي. هي اهو آهي جنهن کي غربت جو الميو چيو ويندو آهي. اهڙي طرح مهانگائي هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪا غريبن جي خواهشن کي قتل ڪري ٿي. چانور، کنڊ، کاڌي جو تيل، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. جڏهن ته ماڻهن وٽ آمدني نه هجڻ جي برابر آهي. جنهن جي ڪري خرچ آسمان کي ڇهڻ لڳن ٿا. مهانگائي نه رڳو هڪ معاشي مسئلو آهي پر اهو انساني نفسيات کي به مفلوج ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن هڪ پي پنهنجي پٽ کي پگهار مان ڪجهه به نه ٿو ڏئي سگهي، تڏهن هن ٻار جي دل ۾ هن سماج لا محبت نه پر نفرت پيدا ٿئي ٿي.غربت سبب ٻيو وڏو مسئلو صحت جي کوٽ آهي. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته ان وٽ دوائون خريد ڪرڻ لا پئسا نه هوندا آهن. اسپتالن ۾ طبي سهولتون موجود ناهن. جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ علاج ايترو مهانگو آهي جو هڪ غريب ماڻهو ان جو تصور به نٿو ڪري سگهي.نتيجي ۾، ڪيترائي ماڻهو علاج کان سوا تڙپي تڙپي مري ويندا آهن. روزگار جو بحران غربت ۽ مهانگائي ۾ اضافو ڪري ٿو. تعليم يافته نوجوان بيروزگار آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ٿا ڪيا وڃن. بيروزگاري مايوسي کي جنم ڏئي ٿي ۽ مايوسي سماج کي اونداهي ڏانهن ڌڪي ٿي. جيڪڏهن حڪومت ننڍن ڪاروبارن لا سهولتون مُهيا ڪري ته ڪيترائي نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.جيڪڏهن اسان واقعي سڌارن ذريعي غربت ۽ افراط زر کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ته پو ڪجهه عملي قدم کڻڻ جي فوري ضرورت آهي. انهن ۾ شفاف سرڪاري پاليسيون اهميت جوڳيون هجن ٿيون.
مطلب ته حڪومت کي عوام دوست پاليسيون لاڳو ڪرڻ گهرجن جيڪي غريبن کي رليف فراهم ڪن ۽ مزدورن جي اجرت ۾ اضافو ڪن. ائين تعليم ذريعي انقلاب برپا ڪيو وڃي،۽ سڀني لا اجتماعي ۽ معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي.غريبن لا مفت علاج ۽ دوائون فراهم ڪرڻ گهرجن.سماج جي سڌاري لا رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ بجا امير ماڻهن ۽ سماجي تنظيمن کي غريبن جي مدد لا اڳتي اچڻ گهرجي.ڇوته اسلام غريبن سان انساني همدردي جو سبق پڻ سيکاريو آهي. پر بدقسمتي سان، اسان جو سماج هن سبق کي وساري چڪو آهي. جيڪڏهن هر امير ماڻهو پنهنجي آمدني جو هڪ حصو غريبن تي خرچ ڪري ته ڪيترن ئي غريبن جا گهر تباهي کان بچي وڃن. انساني همدردي صرف خيرات ۽ زڪوات تي نه پر غريبن کي خود ڪفيل بڻائڻ تائين جاري رهڻ آهي.غربت ۽ مهانگائي صرف معاشي مسئلا نه آهن، اهي انساني زندگين لا هڪ آفت مثل آهن. اهي اميدن جو قتل ڪن ٿا. اهي عزت نفس کي پائمال ڪن ٿا ۽ سماج کي تباهه ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان ايندڙ نسلن لا هڪ خوشحال ۽ پرامن سماج جوڙڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي اڄ ئي عملي قدم کڻڻا پوندا.ياد رکو تعليم، روزگار، انصاف ۽ رحمدلي سان، اسان غربت ۽ مهانگائي جي زنجيرن کي هميشه لا ٽوڙي سگهون ٿا.
حڪومت کي عوام دوست پاليسيون لاڳو ڪرڻ گهرجن جيڪي غريبن کي رليف فراهم ڪن ۽ مزدورن جي اجرت ۾ اضافو ڪن. ائين تعليم ذريعي انقلاب برپا ڪيو وڃي،۽ سڀني لا اجتماعي ۽ معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي.غريبن لا مفت علاج ۽ دوائون فراهم ڪرڻ گهرجن.سماج جي سڌاري لا رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ بجا امير ماڻهن ۽ سماجي تنظيمن کي غريبن جي مدد لا اڳتي اچڻ گهرجي.ڇوته اسلام غريبن سان انساني همدردي جو سبق پڻ سيکاريو آهي. پر بدقسمتي سان، اسان جو سماج هن سبق کي وساري چڪو آهي.