ٽرمپ سان فلسطيني رياست تي اتفاق نه ڪيو:نيتن ياهو

يروشلم(م ڊ)اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته هن جي فوج "غزه پٽي جي وڌيڪ حصن” ۾ موجود رهندي، بيانِ عام ۾ موجود هن جملي صدر ٽرمپ جي پيش ڪيل امن منصوبي جي ان دعويٰ جي ابتڙ تاثر پيدا ڪيو آهي جنهن ۾ هيءَ خاطري ڪرائي وئي هئي ته "اسرائيل غزه تي قبضي يا الحاق نه ڪندو” ۽ مستقبل ۾ هڪ مربوط فلسطيني رياست تائين پهچڻ جي رستي ۾ اولهه ڪناري جي الحاق جي به ڳالهه نه ڪرڻ جي ضمانت ڏني وئي هئي۔ نيتن ياهو واضح ڪيو ته هن جي ملاقاتِ صدر ٽرمپ دوران فلسطيني رياست جي قيام تي ڪو معاهدو طئي نه ٿيو ۽ هن جو موقف آهي ته هو طاقت جي زور تي فلسطيني رياست جي قيام جي مخالفت ڪندو، جڏهن ته ٽرمپ جي ويهه نڪاتي منصوبي ۾ غزه جي تعمير نو ۽ فلسطيني اٿارٽي ۾ سڌارن کان پوءِ طئي ٿيل شرطن تحت خود اراديت جي امڪانن جو ذڪر آهي،اسرائيلي فوج غزا جي اڪثر علائقن ۾ موجود رهندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.