حماس ٽرمپ جي ” غزا امن ٺاهه“۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو

دوحا (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا سان بابت 20 نڪاتي امن منصوبي ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو .
حماس جي قيادت جي ويجهن وارن فلسطيني ذريعن پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽرمپ جي غزا امن منصوبي ۾ بي هٿيار ٿيڻ واري شق ۾ ترميم جو مطالبو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڳالهين واري عمل ۾ شامل حماس جي نمائندن گذريل ڏينهن دوحا ۾ ترڪ، مصري ۽ قطري اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
فلسطيني ذريعن موجب، حماس ڪجهه شقن ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي، حماس اسرائيل جي مڪمل نيڪالي ۽ اڳواڻن کي فلسطين اندر يا ٻاهر قتل نه ڪرڻ بابت بين الاقوامي ضمانتون چاهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس کي جواب ڏيڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي ڏينهن گهربل آهن.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبو پيش ڪيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ حماس کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن هنن امن منصوبو قبول نه ڪيو ته کين سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

ٽرمپ جي امن منصوبي جا اهم نڪتا
ٽرمپ جي غزا امن معاهدي تحت حماس جا ويڙهاڪ مڪمل طور تي بي هٿيار ٿيندا ۽ کين مستقبل جي حڪومت ۾ ڪو به ڪردار نه ڏنو ويندو.
امن ٺاهه موجب، اسرائيل اٽڪل ٻن سالن کان جاري جنگ کانپوءِ هوريان هوريان غزا مان نڪرندو، پر ٽرمپ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته فوج غزا جي اڪثر حصن ۾ رهندي ۽ واشنگٽن ۾ ڳالهين دوران فلسطيني رياست جي قيام تي ڪو به اتفاق ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.