اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون تياريون،لنڊن پلان جو حصو؟

اسلام آباد( امتياز گل ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو جي موجودگي ۾ غزه بابت هڪويهه نڪاتي امن منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن سان گڏ هن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جو خاص طور شڪريو ادا ڪيو۔ هن صورتحال پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال زنده ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا اهو ئي لنڊن پلان ته ناهي جنهن جو ذڪر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ماضي ۾ ڪيو هو۔اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي بريفنگن ۾ بار بار چيو هو ته پاڪستان کي اسرائيل سان مستقل دشمني رکڻ جي ضرورت ناهي ڇو⁠ ته  فلسطيني پاڪستان جا ويجها مٽ نه آهن۔ اها ئي سوچ غالباً بعد جي قدمن ۾ نظر اچي رهي آهي، جنرل باجوه پنهنجي رٽائرمينٽ جي آخري ڏينهن به واشنگٽن ۾ انهيءَ اميد سان گذاريا ته کين آمريڪي منظوري سان فوجي عهدن ۾ وڌيڪ توسيع ملي سگهي۔فلسطيني عوام جي اڪثريتي نمائندگي رکڻ جي باوجود حماس کي پس پرده ڪرڻ جي هيءَ ڪوشش بظاهر خطي ۾ "گريٽر اسرائيل” جي منصوبي سان ڳنڍيل ڏسجي ٿي۔ هن منصوبي تحت مختلف عرب رياستن جي حصن کي هڪ وڏي اسرائيلي بلاڪ ۾ ضم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته جيئن مزاحمت جي هر صورت کي ڪچلي غزه کي هڪ کليل جيل ۾ بدلائي ڇڏيو وڃي۔ابوزر سلمان نيازي جي هڪ مضمون ۾ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته پاڪستان فلسطين ۽ ڪشمير لاءِ انصاف جو مطالبو ته ڪري ٿو پر پنهنجي شهري ۽ اپوزيشن جماعتن کي انصاف ڇو نٿو ملي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.