ايم ڊي ڪيٽ 2025 جي تاريخ ۾ تبديلي، شاگردن کي رليف

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو امتحان هاڻي 5 آڪٽوبر بدران 26 آڪٽوبر تي ٿيندو۔ اختيارين موجب هن فيصلي جو بنيادي سبب ٻوڏ کان متاثر ٿيل شاگردن کي سهولت ڏيڻ آهي ته جيئن اهي امتحان جي تياري بهتر نموني سان ڪري سگهن۔ پي ايم ڊي سي موجب هن سال ايم ڊي ڪيٽ لاءِ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ اميدوارن رجسٽريشن ڪرايو آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجاب مان 50 هزار 443 شاگرد شامل آهن۔ خيبرپختونخوا مان 39 هزار 964، سنڌ مان 33 هزار 160، بلوچستان مان 10 هزار 278، اسلام آباد مان هڪ هزار 146، آزاد جمون ۽ ڪشمير مان 3 هزار 322 ۽ گلگت بلتستان مان هڪ هزار 564 اميدوار رجسٽر ٿيا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.