ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات، بجلي ۽ رستا بند، شهري رُلي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، پر ساڳئي وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو جنهن ڪري شهرين کي سخت ٽريفڪ جام جو منهن ڏسڻو پيو، گڏيل رپورٽن موجب برسات جي سسٽم هيٺ شير شاهه، بلديه، ماڙيپور، هاڪس بي، شهيد ملت روڊ، گلشن اقبال، پي اي سي ايڇ ايس، يونيورسٽي روڊ، پي آءِ ڊي سي، بزرطا لائن ۽ ڪالا پل سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ هلڪي ۽ تيز برسات پئي، تيز برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو جنهن ڪري شهر جون وڏيون شاهراھون بند ٿي ويون ۽ قيوم آباد کان  ڄام صادق تائين روڊن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، ٻئي طرف، موسم کاتي موجب هي گهٽ دٻاءُ وارو سسٽم ڪراچي کان لڳ ڀڳ 340 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي ۽ امڪان آهي ته اهو اڄ صبح تائين خليه ڪڇ ۽ اتر اوڀر بحيره عرب ۾ داخل ٿيندو، سازگار حالتن سبب سسٽم جي شدت وڌڻ جو به خدشو آهي، موسم کاتي چيو آهي ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين، شهيد بينظيرآباد، نوشهروفيروز، حيدرآباد، جامشورو، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ۾  آنڌاري سان برست جو امڪان آهي، ساڳئي وقت سامونڊي حالتون به خراب رهڻ جو امڪان آهي، 45 کان 55 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلنديون، ماهيگيرن کي 2 آڪٽوبر تائين کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، برسات شروع ٿيندي ئي ڪراچي جا ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا ڪيترائي فيڊر بند ٿي ويا، شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.