اسلام آباد(بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي هر اهم مسئلي تي ايون جي اندر ۽ ٻاهر ضرور احتجاج ڪندي۔هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته جڏهن به ٻوڏ آئي، واهن ۽ آبي ذخائر جو مسئلو ٿيو، تڏهن به اسان ڪڏهن پنجاب سان اهڙو رويو نه رکيو، جنهن تي ڪو سوال اٿيو وڃي۔ هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي هميشه پنهنجن اتحادي جماعتن سان تميز ۽ عزت جي دائري ۾ ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر هن وقت سخت تڪليف مان گذري رهيا آهن۔شيري رحمان وڌيڪ چيو ته سڀئي صوبا پاڪستان جا آهن، ڪنهن جي جاگير ناهن۔ بهتر اهو آهي ته اسين هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌون ۽ سمجهون۔ جيڪڏهن اتحادي اهڙو رويو رکندا ته پوءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو رهندو؟ ٽي وي يا جلسن ۾ لفظن جي جنگ چڙهائڻ مناسب ناهي، ڇو ته عوام سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي۔پي پي نائب صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي رهي ته پوءِ پيپلز پارٽي لاءِ اهو ڏکيو ٿي ويندو ته حڪومت کي ساڳئي تسلسل سان ساٿ ڏين، جيڪو هن وقت تائين ڏنو ويو آهي۔