حڪومتي اتحاد ۾ ڏار،پ پ ڪو سخت قدم نه کڻندي؟

لاهور( گوهر بٽ )پاڪستان جي سياست هن وقت ٻٽي آزمائش مان گذري رهي آهي، هڪ طرف مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ سخت بيانن حڪومتي اتحاد کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ٻي طرف عالمي  دٻاءُ ۽ سازشون ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن،هي صورتحال نه صرف حڪومت جي مستقبل تي سوال اٿاري ٿي پر قومي سلامتي لاءِ به پريشاني جو سبب آهي۔پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز حاليه جلسن ۽ بيانن ۾ جيڪو جارحاڻو لهجو استعمال ڪيو آهي، ان پيپلز پارٽي کي شديد ناراض ڪيو آهي۔ حڪومت جي اڪثريت مڪمل طور تي پيپلز پارٽي تي دارومدار رکي ٿي۔ اهڙي صورت ۾ نه صرف مرڪز پر پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو جڏهن⁠ ته تحريڪ انصاف ان جو سڀ کان وڏو فائدو وٺندي، في الحال پيپلز پارٽي ايترو وڏو قدم نه کڻندي ڇو⁠ ته  ٻئي جماعتون ڄاڻن ٿيون ته حڪومت جو خاتمو دراصل خودڪشي جي برابر هوندو۔پس پرده رابطا جاري آهن ۽ ٻئي جماعتن جا سينيئر اڳواڻ صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو شامل آهن، تاحال خاموش آهي ۽ دبئي ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.