ڪراچي (رپورٽر) سندھ حڪومت سڀني قومي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ڀرتي جي عمل ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي نوٽيفڪيشن موجب اين جي اوز، آءِ اين جي اوز ۽ ڪميونٽي بيسڊ تنظيمون روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت ڏين، جنهن سان معاشي ترقي ۽ سماجي شموليت کي هٿي ملندي، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نون روزگار جا موقعا پيدا ڪري عوامي فلاح ۽ مقامي ترقي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي عملدرآمد جو پابند بڻايو ويو آهي، هي فيصلو سنڌ جي عوام جي معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو ويو آهي.