ڪراچي ۾ ٻارڙي سان مبينا زيادتي، 16 سالن جو جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي بلديه ٽائون پوليس، 9 سالن جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي الزام هيٺ 16 سالن جي عبدالحميد کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس متاثر ٻارڙي جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪياماڙي پوليس جي ترجمان موجب 12 سيپٽمبر تي بلديه مير عالم روڊ واري علائقي ۾ واقعو پيش آيو، ٻارڙي جي وارثن الزام هڻندي ٻڌايو ته عبدالحميد پنهنجي ڪرائيدار جي نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو، ٻئي پاسي پوليس متاثر ٻارڙي کي طبي معائني لاءِ سول اسپتال اماڻيو، جڏهن ته انڪوائري پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.