اسلام آباد(بيورو)آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته دسمبر تائين گريڊ 17 کان 22 تائين جي سڀني سرڪاري آفيسرن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.ذريعن موجب، پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف جي وفد زور ڏنو آهي ته گورنمينٽ سرونٽس ڪنڊڪٽ رولز ۾ اهڙيون ترميمون آڻيون وڃن، جن ذريعي بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ممڪن ٿي سگهي.ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف طرفان گورننس اينڊ ڪرپشن ڊائگناسٽڪ اسيسمينٽ رپورٽ 30 سيپٽمبر تائين جاري ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف، وزير خزانه آءِ ايم ايف جي جائزه مشن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان طرفان سيلاب متاثر علائقن لاءِ وزيراعظم رليف پيڪيج جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. آءِ ايم ايف جواب ۾ چيو ته پهرين نقصان ۽ ضرورتن جو صحيح اندازو تيار ڪيو وڃي، ان بعد فيصلا ممڪن ٿيندا.آسيا ترقياتي بئنڪ (ADB) جي تازين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت ترقي جي راهه تي آهي، پر ساڳي وقت مهانگائي ۾ واڌ جا امڪان به موجود آهن.