اسلام آباد(بيورو)اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته پنجاب وڏو ڀاءُ آهي ۽ باقي سڀ ننڍا ڀائر آهن جڏهن اسان شڪايتون ڪريون ٿا ته اتان کان جواب ملي ٿو پنجاب بابت ڪا به غلط ڳالهه نه ٻڌائينداسين، پنجاب بابت پنجابي بابت ڪا به غلط ڳالهه نٿا چاهيون،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هي سڀ پنجابي اسان جا ڀائر آهن پر خدا جو قسم، جيڪڏهن پنهنجو ڀاءُ پنهنجن ٻارن جا حق کائي ته اسان خلاف ڳالهائينداسين، تاريخ شروع ٿيندي ته پوءِ گھڻا مسئلا اڀري ايندا،هن چيو ته ننڍن صوبن جي هر قسم جي حقن سان اسان برابر بيٺل آهيون؛ هن چيو ته اسان پي ڊي ايم ۾ گڏ هئاسين جنهن ۾ پوءِ پيپلز پارٽي ۽ اسان کي ڪڍيو ويو،ان دور ۾ اسان توهان جي وات "ووٽ کي عزت ڏيو، ووٽ کي عزت ڏيو” جا نعرا ٻڌا اڄ اهونعرو اهو مڪمل طور بدلجي ويو آهي. ايترو بدلجي چڪو آهي جو اڄ ان نعرہ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سياسي رجسٽرڊ پارٽي سرڪاري طور آئين جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڇا 18هين آئيني ترميم تي پاڪستان مسلم ليگ جي دست خط موجود آهي يا نه؟ ڇا اهو وڏو معاهدو جيڪو سموري پاڪستاني پارٽين جي وچ ۾ ٿيو، جنهن تي تيسري ۽ چوٿين وزارت عظميٰ جي لالچ ۾ دستخط ڪيا ويا، اڄ توهان انهن دستاويزن مان منهن ڪيئن پيا موڙيو؟ اڄ پختونخوا کي ان جو فيصلي وارو حق ڇو نٿو ملي؟ مون کي ٻڌايو اين ايف سي ايوارڊ آخري ڀيرو ڪڏهن ٿيو؟ نئون ڊراما باز اين ايف سي ايوارڊ اچي رهيو آهي،سڀاڻي توهان چوندا ته آئين سلب ٿيو آهي، پوءِ ڪير توهان سان گڏ بيهندو؟ جن ماڻهن کي توهان هڪ ڀيرو ڌوڪو ڏنو آهي، اهي مولانا صاحب اسان سان گڏ ويٺا آهن، مان آهيان، اهي اسان سان گڏ ويٺا آهن، ڪافي لوگ هتي آهن. اسان توهان جا جذبا ڏٺا هئا: "ووٽ کي عزت ڏيو” اسان سمجهيو ته انقلاب آيو آهي، ته جمهوريت غالب ٿيندي ۽ پنجاب ۾ به همت آئي آهي پر جڏهن آئينو ڏٺو ته حافظ ئي حافظ هو،. اڄ ڪهڙي حيثيت ۾ اسان جو نمائندو بريف ڪيس ۾ ريئر ارٿ منرلز گڏ کڻي ٻاهرين ملڪ گهمي رهيو آهي؟ اها ته آمريت آهي ڇا پارليامينٽ جي ڪا اهميت آهي يا ناهي؟ اڄ توهان سعودي عرب سان معاهدو ڏيکاريو پيو وڃي،اڄ غزا بابت 20 نڪتا آيا آهن،ٽرمپ چوي ٿو پاڪستان اهي قبول ڪري چڪو آهي، اهو ڪهڙي پاڪستان واري قبول ڪيا آهن؟ سينيٽ ۾ ويٺل ٻڌائن ته ڪنهن سان ڪا مشاورت ٿي؟ هن چيو ته حڪومت کان درخواست ٿو ڪريان ته جڏهن وزيرِاعظم ۽آرمي چيف واپس اچن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ گهرجي ۽ هي سڀ وڏو سودو جيڪو ٿي رهيو آهي، ان سودي کي پارليامينٽ جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ۽ پارليامينٽ کي ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکو ته اهو چيو ويندو ته سعودي عرب ۽ اسان ابراهام اڪارڊ مطابق اسرائيل کي تسليم ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندوهن چيو ته جيڪو زهر رياست پاڪستان گذريل ستر سالن کان اسرائيل خلاف پنهنجي شهرين جي دلين ۽ دماغن ۾ وهايو آهي، ان زهر کي توهان ڪيئن ختم ڪندا؟ هتي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ آسان نه ٿيندو. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي هڪ غير آئيني ادارو آهي. حڪومت يا قانون وزير ٻڌائين ته ڇا 18هين ترميم کان پوءِ SIFC کي آئيني حيثيت ملي آهي يا نه؟