مريم نواز جي تقرير تي پ پ پاران الڳ ٿيڻ جي ڌمڪي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تقرير خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو، اجلاس دوران پيپلز پارٽي اڳواڻ نويد قمر چيو ته اسان کي وزارتون يا عهدن جي پرواهه ناهي، گهٽ ۾ گهٽ عزت ته ڏني وڃي، جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته اپوزيشن بينچز تي ويهڻ تي مجبور ٿينداسين، نويد قمر وڌيڪ چيو ته ملڪ ٻوڏ جي صورتحال مان گذري رهيو آهي، ماڻهو مدد ۽ رليف لاءِ حڪومت ڏانهن ڏسي رهيا آهن، اهڙي وقت ۾ اهڙا بيان مناسب ناهن، بلاول ڀٽو وزيراعليٰ پنجاب جي تعريف ڪئي هئي، پر مريم نواز جي تقرير تي ڏک ٿيو، هن چيو ته پنجاب ۾ ايترو وڏو فلڊ پهريون ڀيرو آيو آهي جڏهن⁠ته سنڌ اڳ ۾ به ڀوڳيندو رهيو آهي، اسان وٽ اهو تجربو آهي ته متاثر خاندانن کي سامان بدران سڌي مالي مدد ڏني وڃي۔ هن چيو ته اسان توهان جا اتحادي ضرور آهيون پر صلاح ڏيڻ جو مطلب تنقيد نه هجڻ گهرجي۔ وڏي وزير پنجاب جي بيان تي سخت تشويش ظاهر ڪندي نويد قمر چيو ته اسان جا جذبات مجروح ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان حڪومتي بينچن تي نه ويهي سگهون۔ هن چيو ته اسان کي وزارتون يا عهدن جي ضرورت ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ عزت ضرور ڏني وڃي۔ سيد نويد قمر چيو ته اهو چوڻ ته "اسان جو پاڻي، اسان جي مرضي” درست رويي ناهي ڇاڪاڻ⁠ته درياءُ سنڌ سڄي ملڪ جو آهي ۽ ان مان سمورو ملڪ فائدو وٺي ٿو۔ سندس نڪتو اعتراض جي جواب ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته اسان معافي خواھ آهيون،  اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن پيپلز پارٽي کي اپوزيشن بينچز تي اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي وزيرقانون اعظم نذير تارڙ چيو ته هي اسان جو پنهنجو معاملو آهي، اوهان خوش نه ٿيو، گوڙ ۽ احتجاج دوران اسپيڪر اجلاس 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،

اسلام آباد (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي بيان تي پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ مان به واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو, سينيٽر ضمير گھمرو چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بي آءِ ايس پي ذريعي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، پر پنجاب حڪومت جا بيان وفاق لاءِ نقصانڪار آهن، سينيٽر جو چوڻ هو ته اهڙا بيان وفاق جي خلاف آهن، جيڪڏهن ڪو صوبو چوي ته ”اسان جو پيٽرول اسان جي مرضي“ يا ”اسان جي ڪڻڪ اسان جي مرضي“ ته پوءِ ملڪ ۾ ورهاست وڌندي، پيپلز پارٽي اعلان ڪيو ته جيستائين وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز معافي  نه وٺندي، اسان ڪنهن به قانون سازي ۾ حصو نه وٺنداسين، ان کان اڳ پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي مان به واڪ آئوٽ ڪيو هو، جتي نويد قمر چيو ته "هي منهنجو پاڻي، منهنجا وسيلا” جهڙا جملا نامناسب آهن ۽ اسان کي ڏک پهتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.