حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ايمپلائز الائينس جي مطالبن جي مڃتا لاءِ يڪجهتي طور عوامي تحريڪ پاران شهباز بلڊنگ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ سرڪار جي ملازم دشمن فيصلن جي عوامي تحريڪ شديد مذمت ٿي ڪري ۽ ملازمن جي مطالبن جي مڪمل حمايت ٿا ڪريون. اسان ملازمن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ سندن جائز جدوجهد کي پنهنجي جدوجهد سمجهون ٿا. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي حڪومت جا ملازم دشمن ۽ سنڌ دشمن ڪارا قانون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. پينشن پاليسي، پگهارن ۽ الائنس ۾ حقيقي واڌ نه ڪرڻ، گروپ انشورنس ۽ بينيوولنٽ فنڊ جي فوري ادائيگي ۽ وقت سر پگهارن جي فراهمي نه ڪرڻ سبب ملازمن جا گهر معاشي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويا آهن. پيپلز پارٽي حڪومت پاران لاڳو ڪيل سنڌ سول سرونٽس (ترميمي) ايڪٽ 2024 ملازمن جي پينشن جو کليل قتل آهي. هن قانون سان پراڻي پينشن نظام کي ختم ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ملازمن جي هزارين خاندانن جو مستقبل تباهه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خدمت جي آخر ۾ ملندڙ رقم ۽ ٻين حقن ۾ به بي رحميءَ سان ڪٽوتيون ڪيون ويون آهن. اهو قدم رڳو قانوني ناانصافي ناهي، پر اخلاقي طور به ملازمن جي سالن جي خدمتن سان غداري آهي. پگهارن ۾ به حڪومت ملازمن سان کليل مذاق ڪيو آهي. جڏهن ته ملازمن جون تنظيمون ۽ يونينون 50 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، پر حڪومت رڳو 10 سيڪڙو ۽ 12 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري انهن جي تذليل ڪئي. مهانگائيءَ جي حالتن ۾ اهڙي معمولي واڌ مزدورن ۽ ملازمن جي گهرن ۾ بک ۽ غربت کي وڌائڻ برابر آهي.