اسلام آباد(بيورو)وفاقي سرڪار پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 4 رپيا 7 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد پيٽرول جو اگهه 268 رپيا 68 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي،جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ چار رپيا 4 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي،ڊيزل جو اگهه 276 رپيا 81 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي،ناڻي واري وزارت نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،اگهه رات 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويا