مٺي ۾ سرڪاري تعليمي ادارن کي تالا، شاگردن جي تعليم متاثر

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) سنڌ سرڪار پاران سنڌ ايمپلائيز الائنس جي شروع ڪيل احتجاج کي ڪا به اھميت نه ڏيڻ سبب صوبي ۾ حڪومت جي خاموشي مذاق بڻجي وئي آهي، جنھن سبب عام تاثر اھو اڀري رھيو آھي جھڙو صوبي ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناھي، سنڌ ۾ ملازمن پاران پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ شروع ڪيل احتجاج جيڪو اڄ نائين ڏينھن ۾ تبديل ٿي چڪو آھي،گذريل اٺن ڏينھن کان مٺي ۾ به سمورن سرڪاري ادارن کي تالا لڳل آھن، خاص طور تي ھزارين اسڪولن اٺن ڏينھن کان مسلسل بند ھجڻ ڪري سنڌ جي لکين شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي،سنڌ ۾ جتي اڳئي تعليمي نظام بھتر نه ھجڻ جون شڪايتون آھن ته اتي ملازمن جي احتجاج سبب اسڪول بند ھجڻ ڪري لکين ٻارن مستقبل داءُ تي لڳي ويو آھي انھي سان گڏ اسپتالن ۾ به روزاني بنيادن تي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ شروع ڪيو ويو آھي جنھن سبب علاج لاءِ ايندڙ لکين غريب مسڪين مريض دربدر ٿي رھيا آھن،جڏھن ته ٽائون سطح تي تالابندي سبب شھرن ۾ صفائي سٿرائي جو نظام مڪمل طور تي درھم برھم ٿي ويو آھي شھرن ۾ گندگي جا ڍير لڳڻ شروع ٿي ويا آھن ان سان گڏ ضلعي سميت تعلقن ۾ روينيو آفيسون بند ھجڻ ڪري لکين ماڻھو ڪمن ڪارن لاءِ دربدر ٿي ويا آھن، حڪومت جي ڊگھي خاموشي تي عوام به حيران، چونڊيل نمائيندن به تحرڪ نه ورتو، صرف ٿر مان ھڪڙي ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي احتجاج ڪندڙن وٽ وڃي مطالبا معلوم ڪيا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.