ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ موسيقيءَ جي استادن جي نوڪرين لاء ٽيسٽ پاس اميدوار راڳين جو ڪالهه پندرهين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڪئمپ تي احتجاج جاري رهيو، جنهن جي اڳواڻي ڪامران چانڊيو، برڪت علي وڌو ڪري رهيا هئا پندرنهن ڏينهن کان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل ميوزڪ ٽيچرس جي اميدوارن چيو آهي ته حڪومت مسلسل احتجاج کي نظر انداز ڪري رهي آهي۽ حڪومت مطالبا مڃڻ بدران پوليس جو چڙهايون ڪرائي گرفتار ڪري رهي آهي جيڪڏهن جوائننگ نه ڏني وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو