سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري:سگا

ڪراچي (پ ر):سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪزي قيادت رفيق احمد جعفري چيئرمين، پروفيسر خالد حسين چنا وائيسچيئرمين، علي حسين بروهي سيڪريٽري جنرل، پروفيسر بخش علي چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، نور محمد سيال سيڪريٽري فنانس، احمد حسن پنهور سيڪريٽري اطلاعات، ڊاڪٽر محمد علي راھپوٽو سيڪريٽري ھيلٿ، منظور حسين اڄڻ سيڪريٽري تعليم، شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت، ميڊم حميده خاصخيلي سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ ۽ سڄي مرڪزي قيادت سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پيپلز پارٽي ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي. سنڌ حڪومت پينشن ۾ ڪٽوتي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري رھي آھي، فوري طور تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جا مطالبا منظور ڪري پينشن ۾ ڪٽوتي جو نوٽيفيڪشن واپس ورتو وڃي. سنڌ ۾ بدترين معاشي حالتون آھن، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي، زراعت تباھ آهي لکين خاندان بيروزگار آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.