اورنگي ٽائون ۾ ڦر مزاحمت تي گهران ٻاهران نوجوان قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 ۾ گهر جي در اڳيان بيٺل شخص کي ڦرلٽ دوران معمولي مزاحمت ڪرڻ تي ٻارن جي سامهون فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ سجاد شوڪت طور ٿي آهي، سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ نظر آيو ته مقتول نوجوان ٻارن سان گڏ در اڳيان بيٺو هو ته ٻن موٽر سائيڪل سوارن هُن کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، معمولي مزاحمت تي جوابدارن کيس ٻارن جي سامهون گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڊيو مان مدد ورتي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.