زين شاهه ۽ نواز زئور طرفان ملازمن جي احتجاج جي حمايت

ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي ۽ ايس يو پي طرفان سرڪاري ملازمن جي احتجاجي حمايت جو اعلان ، جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز زئور جاري بيان ۾ چيو ته جيئي سنڌ قومي پارٽي ملازمن جي مطالبن جي حمايت ڪري ٿي، هڪ ملازم پوري زندگي جون صلاحيتون سرڪار کي ارپي ٿو ، جڏهن رٽائر ٿئي ٿو ته ان جي اميد پينشن هوندي آهي، حڪومت کي ملازمن جي پينشن نه ڪٽڻ گهرجي، ايس يو پي صدر سيد زين شاهه طرفان به سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، زين شاهه جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن سان ظلم ٿي رهيو آهي، هنن جا مطالبا جائز آهن، ملازمن جا مطالبا پورا ڪيا وڃن، اسان ملازمن جي احتجاج جي حمايت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.