سرڪاري ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي نه ٿيڻ گهرجي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر )جيئي سنڌ محاذ جي  چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي استادن کان وٺي عام ملازمن تائين انهن جي پينشن ڪٽي وئي آهي سرڪار جو ظلم آهي ته عام ماڻهن لاءِ ته روزگار جا دروازا بند آهن پر جيڪي سرڪاري ملازم آهن انهن جي پينشن مان ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي جيڪو عمل قابل مذمت آهي هن چيو ته  جڏهن سڄي ملڪ اندر ڪي پي ڪي، پنجاب، يا جيڪا مرڪزي سرڪار جي ملازمن کي پينشن ملي ٿي ان مان ڪٽوتي نٿي ٿئي پر پينشن جي ڪٽوتي وارو ڪارو قانون سنڌ جي سرڪاري ملازمن مٿان لاڳو ڪيو ويو آهي هتي ڦرلٽ جو قانون آهي عوامي ناڻو حڪمران لٽي رهيا آهن هن چيو ته  جيئي سنڌ محاذ ملازمن جي ان جائز احتجاج جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ انهن جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.