ڪراچي (ع آ نيوز) سنڌ ۾ سرڪاري درسي ڪتابن جي ڇپائي مبينا طور تي من پسند پبلشرز کان ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ خلاف باقاعده جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جيڪو سرڪاري تعليمي ڪتابن جي اشاعت جو ذميوار ادارو آهي تي الزام آهي ته هن تعليمي سال 2025-26 لاءِ درسي ڪتابن جا ٺيڪا غير شفاف طريقيڪار جي مخصوص اشاعتي ادارن کي الاٽ ڪيا. اينٽي ڪرپشن جي طرفان بورڊ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي سيڪريٽري خلاف جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ هڪ خط لکي 2 آڪٽوبر تي بورڊ جي عملدارن کي سموري رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر جي سامهون، ورڪ آرڊر، سپلائي آرڊر، ڊيلوري چالان ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. ان کان سواءِ ٺيڪيدارن کي ڪيل اڳواٽ ادائگين ۽ پروڪيورمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا به طلب ڪيا ويا آهن.