نيتن ياهو فلسطيني رياست جو مخالف، حماس بي هٿيار هوندي، غزا امن ٺاهه

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه امن معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آزاد فلسطيني رياست جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ وائٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران غزه جنگبندي منصوبي جو اعلان ڪيو. ٽرمپ چيو ته اڄوڪو ڏينهن وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، ۽ اسين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. اسين غزه امن معاهدي جي بلڪل ويجهو پهچي ويا آهيون.آمريڪي صدر اهو به چيو ته عرب ۽ مسلم اڳواڻن هن منصوبي جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل به امن معاهدي جي حمايت ڪئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم به منهنجو امن معاهدو مڃي ورتو آهي. برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم ٽوني بليئر هن امن منصوبي جو حصو هوندو. هن چيو ته حماس سان مسلم حڪمران ڳالهيون ڪندا. ٽرمپ چيو ته انهن جو مقصد صرف غزه پٽي ناهي، پر سڄي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هنن ۽ نيتن ياهوءَ ايران، ابراهيم معاهدن ۽ غزه تڪرار جي خاتمي جهڙن معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.هن چيو ته “مان ڪيترن عرب ۽ مسلم ملڪن جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪرڻ ٿو چاهيان جن هن تجويز جي تياري ۾ شاندار حمايت فراهم ڪئي.ٽرمپ چيو ته “وزيراعظم پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل (سيد عاصم منير) شروعات کان اسان سان گڏ هئا. درحقيقت، انهن تازو هڪ بيان جاري ڪيو آهي ته هو هن معاهدي تي مڪمل يقين رکن ٿا ۽ ان جي سو سيڪڙو حمايت ڪن ٿا. آمريڪي صدر نيتن ياهو جو به شڪريو ادا ڪيو ته هن منصوبي سان اتفاق ڪيو ۽ “هنن اعتماد ڏيکاريو ته جيڪڏهن اسين گڏجي ڪم ڪنداسين ته اسين علائقي ۾ موت ۽ تباهي جو خاتمو ڪري سگهون ٿا.” ٽرمپ چيو ته، “جيڪڏهن حماس هن کي قبول ڪري وٺي ته تجويز ۾ باقي رهيل سڀني يرغمالين جي فوري رهائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر ڪنهن به صورت ۾ 72 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت نه وٺڻ گهرجي. هن چيو ته “هن منصوبي تحت، عرب ۽ مسلم ملڪن غزه کي تيزي سان غير مسلح ڪرڻ، حماس ۽ ٻين سڀني دهشتگرد تنظيمن جي فوجي صلاحيت ختم ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي ۽ اسان انهن ملڪن تي ڀروسو ڪري رهيا آهيون جن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهي حماس سان نبيرو ڪندا ۽ مون کي ٻڌايو ويو آهي ته حماس به اهو ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته غزه ۾ حماس جو ڪو ڪردار نه هوندو. حماس کي يرغمالي آزاد ڪرڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي جي هڪ حصي طور “دهشتگردي جو بنيادي ڍانچو” جهڙوڪ سرنگون ۽ هٿيار ٺهڪائڻ جون تنصيبات ختم ڪيون وينديون ۽ غزه پٽي ۾ مقامي پوليس فورس کي تربيت ڏني ويندي.ٽرمپ چيو ته “غزه ۾ نئين عبوري اختيارين سان ڪم ڪندي، سمورا گروهه اسرائيلي فوجن جي مرحلاوار انخلا لاءِ هڪ ٽائيم لائن تي متفق ٿيندااميد آهي ته وڌيڪ فائرنگ نه ٿيندي.” هن چيو ته حماس نه مڃيو ته پوءِ حماس جي خاتمي لاءِ منهنجي اسرائيل کي مڪمل حمايت هوندي. هن چيو ته امن معاهدي کي اسرائيل تسليم ڪيو آهي. ترڪي ۽ انڊونيشيا جا صدر منهنجا دوست آهن، پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل حمايت ڪئي آهي. هوڏانهن نيتن ياهو  قطر تي حملي بابت معافي گهري ورتي.واشنگٽن ۾ نيتن ياهو قطري وزيراعظم کي فون تي معذرت ڪئي.اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دوحه تي اسرائيلي حملي جي حوالي سان قطر کان باقاعده معافي ورتي آهي. اهو رابطو سومر جي ڏينهن وائٽ هائوس مان تڏهن ڪيو ويو، جڏهن نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن ۾ موجود هو. نيتن ياهو جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته هن قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمٰن آل ثاني سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي دوحه تي اسرائيلي حملي بابت معذرت جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب، ان موقعي تي نيتن ياهو قطر جي غزه ۾ ٽياڪڙي واري اهم ڪردار” جي ساراهه ڪئي، ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به غلط فهمي يا تڪرار کان پاسو ڪرڻ جي پڪ ڏني. ٻئي پاسي، هڪ ڌار سفارتي ذريعي مطابق، قطر جو هڪ ٽيڪنيڪل وفد پڻ ان وقت وائٽ هائوس ۾ موجود آهي، جيڪو غزه امن منصوبي بابت جاري ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي جو هو ڀرپور استقبال ڪري ٿو ۽ فلسطينين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، وزیراعظم پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ (ايڪس) تي لکيو ته هو صدر ٽرمپ جي 20 نڪاتي منصوبي جي آجيان ڪري ٿو، جنهن جو مقصد غزا ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ آهي، مڪمل يقين آهي ته فلسطينين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مستقل امن خطي ۾ استحڪام ۽ معيشت جي ترقي لاءِ لازمي آهي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب امن منصوبي جي ليڪ ٿيل ڪاپي موجب معاهدي جي شرطن ۾ چيو ويو آهي ته حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ معاهدي کان پوءِ 48 ڪلاڪن اندر سڀ يرغمال آزاد ڪيا ويندا ۽ اسرائيل بعد ۾ ڪيترن ئي فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو دوحه تي اسرائيلي حملي جي حوالي سان قطر کان باقاعده معافي ورتي آهي. اهو رابطو سومر جي ڏينهن وائٽ هائوس مان تڏهن ڪيو ويو، جڏهن نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات لاءِ واشنگٽن ۾ موجود هو. نيتن ياهو جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته هن قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمٰن آل ثاني سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي دوحه تي اسرائيلي حملي بابت معذرت جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب، ان موقعي تي نيتن ياهو قطر جي غزه ۾ ٽياڪڙي واري اهم ڪردار” جي ساراهه ڪئي، ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به غلط فهمي يا تڪرار کان پاسو ڪرڻ جي پڪ ڏني. ٻئي پاسي، هڪ ڌار سفارتي ذريعي مطابق، قطر جو هڪ ٽيڪنيڪل وفد پڻ ان وقت وائٽ هائوس ۾ موجود آهي، جيڪو غزه امن منصوبي بابت جاري ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٽرمپ جي امن منصوبي جي آجيان ڪئي آهي.  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي جو هو ڀرپور استقبال ڪري ٿو ۽ فلسطينين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، وزیراعظم پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ (ايڪس) تي لکيو ته هو صدر ٽرمپ جي 20 نڪاتي منصوبي جي آجيان ڪري ٿو، جنهن جو مقصد غزا ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ آهي، مڪمل يقين آهي ته فلسطينين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مستقل امن خطي ۾ استحڪام ۽ معيشت جي ترقي لاءِ لازمي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.