پنجاب ۾ ڪئنال ٺاهڻ واري ڳالهه تي ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟ مريم نواز

فيصل آباد (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته هر مسئلي جو علاج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناهي، پنڻ جو سلسلو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو ڪنهن کي ان سان ڪهڙي تڪليف آهي، پنجاب کي صلاح ڏيندڙ پنهنجون صلاحون پاڻ وٽ رکن، فيصل آباد ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون کي عوام جي خدمت لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي، هر مسئلي جو علاج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناهي، جڏهن نواز شريف تي سخت وقت آيو ته سڀئي اڳواڻ ڄمي بيٺل رهيا، راڻا ثناءُ الله تي منشيات جو بي بنياد ڪيس ٺاهيو ويو، پنجاب پنهنجي عوام کي يورپ جهڙي ٽرانسپورٽ فراهم ڪري رهيو آهي، اهو وقت گهڻو پري ناهي جڏهن فيصل آباد لاهور کان وڌيڪ ترقي يافته شهر ٿي ويندو، مريم نواز چيو ته مان تنقيد کي هميشه هاڪاري انداز ۾ وٺندي آهيان پر پنجاب ۽ پنجاب جي عوام تي ڪنهن به صورت تنقيد برداشت نه ڪنديس، ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي پٺيان نواز شريف ۽ شهباز شريف جا نالا تاريخ ۾ لکيا ويندا، جيڪي ٻين تي ڪارنهن ۽ جوتو اُڇلائڻ جون هدايتون ڏيندا هئا اڄ هڪٻئي کي جوتا هڻي رهيا آهن، گاريون ڏيندڙ اڄ پنهنجو انجام تي پهچي چڪا آهن، مريم نواز چيو ته جيڪڏهن توهان سنڌ ۾ ڪو ڪم ڪيو ته مون کي خوشي ٿيندي پر ڪجهه ڪيو ته صحيح، پنجاب ۾ ميٽرو ٺهي، اورينج لائين ۽ موٽروي ٺهيون، روڊن جو ڄار وڇايو ويو، پنجاب ڪئنال ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته توهان کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟، توهان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ جڏهن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو ويو ته آءِ ايف ايم وٽ وڃي شڪايتون ڪيون ويون، مهرباني ڪري پنجاب جي معاملن تي تنقيد ڪرڻ بند ڪريو، اين ايف سي ۾ چئني صوبن کي هڪ جهڙا پئسا ملن ٿا، توهان پئسا ڪٿي لڳائيندا آهيو؟ پنڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، پنجاب ڪڏهن به توهان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي توهان به ائين نه ڪريو، ڇا اوهان وٽ هر مسئلي جو حل ڪشڪول کڻي بيهڻ آهي؟ مريم نواز چيو ته مون کي پاڻي چوري نه ڪرڻو هو، پنهنجي پاڻي سان چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻو هو، منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو آهي، توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي ؟ “پنجاب ۽ هتان جي رهواسين جي حق جي ڳالهه ايندي ته مريم نواز توهان کي نه ڇڏيندي، پنجاب کي صلاح ڏيڻ وارا پنهنجون صلاحون پاڻ وٽ رکن.

مريم نواز جو بيان افسوسناڪ آهي: ساڃاهه وند

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايس يو پي جي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن پهرين به درياهه جي بچاءُ لاءِ ٻڌي ڏيکاري، هاڻي به ڪئنالن جون ڳالهيون ڪندڙن کي منهن ڀر ڪرڻو پوندو،مريم نواز جو بيان ملڪ دشمني ۽ نفرت جو ڪارڻ بڻجندو، اها دعويٰ غلط آهي ته پاڻي پنجاب جو آهي اسان جو حق سنڌوءَ سان گڏ چناب ۽ جهلم جي پاڻي تي به آهي،  پنجاب پاڻي جي سڄي سسٽم کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ گهري ٿو، نواز ليگ قيادت جو بيان افسوس جوڳو آهي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهن ٿيون ته ڪئنال ٺاهي وينديون، پر اسان مرڻ گهڙي تائين سنڌوءَ جو پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين،هن چيو ته  سنڌ مان چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته ڪئنال جو معاملو سدائين لاءِ ختم ڪرائين، رهي ڳالهه مقابلي جي اسان به تيار آهيون سنڌوءَ جو پاڻي ڪنهن قيمت تي ڪونه ڏينداسين،پاڻي ماهر نصير ميمڻ چيو ته سي سي آءِ جي فيصلي ۾ صاف لکيل آهي ته پاڻي ۽ ڪينالز بابت فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيندو مريم جو بيان هڪ طاقتور صوبي ۽ خاص ذهنيت جي عڪاسي آهي، جن کي لڳي ٿو اسان ئي طاقتور آهيون پاڻي سڀني جي ملڪيت آهي ڪنهن هڪ صوبي جي ناهي،هن چيو ته مريم نواز جي ذهنيت مان هن ڳالھ کان اندازو لڳائي سگهجي ٿو هن هڪ تعصب پرست رضي دادا کي سنڌين جي خلاف بڪواس ڪرڻ تي سپورٽ ڪيو اڄڪلھ مريم نواز تي پنجابي قومپرستي دماغ تي سوار آهي

بي آءِ ايس پي جهڙا لالي پاپ سنڌ جي عوام لاءِ آهن: عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو جيڪي کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائڻ چاهي ٿو اهي سنڌ ۾ وهائي جتي کين مينڊيٽ حاصل آهي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا مري جي بيان تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته سڀ ڪجهه ڄاڻو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريو، حڪم به توهان ڏئي رهيا آهيو ۽ ڌمڪيون به. جتي توهان جو مينڊيٽ ناهي اتي زبردستي ڏيڍ گز جي مسجد ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪريو، عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پنجاب جي عوام مريم نواز کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ کين خبر آهي ته پنهنجن ماڻهن جا مسئلا ڪيئن حل ڪيا وڃن ۽ اهي حل به ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت بي آءِ ايس پي تحت 12-12 هزار رپيا ورهائي نه ٿي سگهي، اهڙو لالي پاپ سنڌ جي عوام کي ڏيو، بي بي 2022 کان ٻاهر نڪرو، هي 2025 آهي.

مريم کي ياد رکڻ گهرجي ته ليڊر خدمت ڪندا آهن، ڌمڪيون ناهن ڏيندا:شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر)پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ليڊر ڌمڪيون ناهن ڏيندا، اهي خدمت ۽ ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. پيپلز پارٽي هميشه تنقيد جي باوجود صبر جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي توجهه هميشه عوام تي رهي آهي ۽ رهندي.شازيا مري جو چوڻ هو ته ڳالهين سان نه پر عملي ڪم سان ئي قيادت نظر ايندي آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته فوري رليف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته 2022 جي ٻوڏ متاثرن کي بي آءِ ايس پي وسيلي في خاندان 25 هزار رپيا ڏنا ويا هئا، جڏهن⁠تہ 2025 ۾ وزيراعظم شهباز شريف به رمضان پيڪيج لاءِ بي آءِ ايس پي جو ڊيٽا استعمال ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جي توجهه هاريَن ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد تي جاري رهندي. وزيراعلیٰ پنجاب کي ياد رکڻ گهرجي ته ليڊر خدمت ڪندا آهن، ڌمڪيون ناهن ڏيندا. قدرتي آفت جي وقت انا ۽ غرور نه پر عوام جي مدد جي اهميت هوندي آهي. اسان عوام لاءِ ڪم ڪندا آهيون ۽ انهن جو رليف اسان جي ترجيح آهي.

بي آءِ ايس پي ۾ اربين رپين جون گهوٻيون لڳيون آهن:صحافي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي هر مسئلي جو حل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) سان ڳنڍڻ جي تجويز ڏئي ٿي، پر آڊيٽر جنرل آف پاڪستان هن پروگرام ۾ اربين رپين جي غبن جي نشاندهي ڪئي آهي۔سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ٿيندڙ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن کي نظرانداز ڪيو وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.