ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي سنڌ سولر هوم سسٽم ۾ ڪرپشن جي معاملي تي باهه ٻريل آهي،شهري اسڪينڊل جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ لڳا،خبر موجب سينئر صحافي مبشر زيدي ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ۾ خودڪفيل بڻيل آهي۔ ان اسڪينڊل تي به ڪنهن قسم جي ڪارروائي ٿيڻ جو امڪان ناهي، ڇاڪاڻ ته انڪوائري جون ۾ ئي مڪمل ڪري ڇڏي وئي هئي ۽ ان کان اڳ ئي سڀني کي پنهنجو حصو ملي ويو هو،پري زاد نالي صارف لکيو ته اطلاعن موجب ورلڊ بئنڪ غريب سنڌين لاءِ 26 ارب رپيا جاري ڪيا، جن مان 7 ارب رپيا بيوروڪريٽن هڙپ ڪري ويا ۽ باقي رقم اهم شخصيت کڻي ويو۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 50 ڊالر جي يونٽ تي قيمت 151 ڊالر ڏيکاري وئي،ايمان انصار لکيو ته اطلاعن موجب سنڌ حڪومت جي سولر پراجيڪٽ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جڏهنته صوبائي وزير مبينا طور تي ڪرپشن جو اعتراف پڻ ڪيو۔هن لکيو ته پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ فين (پنکا) کي امپورٽڊ ڏيکاري اربين رپيا ڪمايا ويا، ۽ گڏوگڏ ڪسٽم ڊيوٽي به جعلي ڏيکاري وئي۔ناقدن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير نجي ٽي وي جي اينڪر آڏو سوالن تي صحيح جواب نه ڏئي سگهيو