ڪراچي ۾ مڙس زال کي قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪالا پل هزارهہ ڪالوني ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي مڙس پنهنجي زال کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي زندگي ختم ڪري ڇڏي، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽن موجب بانس واري گهٽي ۾ هڪ گهر مان زال مڙس جا رت سان رڱيل لاش مليا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڊفينس پوليس ۽ ريسڪيو رضاڪار پهچي ويا ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي سڏايو ويو، ايس ايڇ او ڊفينس غلام نبي آفريدي موجب شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته جهيڙي دوران مڙس زال کي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس کي واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل ۽ گولين جا ٽي خول مليا، جيڪي قبضي ۾ ورتا ويا، پوليس ٻڌايو ته مڙس جي سڃاڻپ راجه سعيد ۽ زال جي سڃاڻپ ثنا طور ٿي آهي، جن جون عمريون 28 کان 32 سال جي وچ ۾ هيون. ٻنهي جي پنج سال اڳ شادي ٿي هئي، پر اولاد نه هو. مڙس روزگار لاءِ ڊرائيونگ ڪندو هو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.