ملير ۾ پوليس اهلڪار لڳاتار نشانو بڻيل، اي ايس آءِ شهيد

ڪراچي (رپورٽر) ملير جي سکڻ ٿاڻي جي حد 10 نمبر روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي اهلڪار شهيد ٿي ويو، شهيد ٿيل اي ايس آءِ قيصر علي سعود آباد ڪورنگي ٿاڻي ۾ مقرر هو، پوليس جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته  شهيد اي ايس آءِ جي مڙهه وٽان هُن جو موبائل فون ۽ پرس مليو، اڃا تائين ڪو اکين ڏٺو شاهد ناهي مليو، ذريعن موجب پوليس اهلڪار کي رات جي 9 وڳي جي لڳ ڀڳ ٽارگيٽ ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب ماضي ۾ به پوليس اهلڪارن کي انهي ٽائيم تي ٽارگيٽ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.