ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچستان اسيمبلي ۾ مائينز اينڊ منرل ايڪٽ جو از سر نو جائزو وٺڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي۔ وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي هن قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته هن قرارداد کي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن سان گڏائي گڏيل قرارداد جي صورت ڏني وڃي۔ هن چيو ته مائينز اينڊ منرل ايڪٽ تي اسيمبلي قائمہ ڪميٽي ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ تفصيلي بحث ٿي چڪو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته سڀني خدشن کي دور ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي۔ وزيراعليٰ چيو ته اسان کان غلطيون ٿي سگهن ٿيون پر اسان چاهيون ٿا ته مشاورت ذريعي جلد کان جلد مائينز ايڪٽ ٻيهر آندو وڃي۔ قرارداد مخالف ڌر جي رڪن اصغر ترين پيش ڪئي هئي .
-
ڪراچي ۾ زبون حال عمارتن جي فهرست طلب
ڪراچي(رپورٽر) بلديات ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت ۾ بلديات کاتي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني بلدياتي ادارن جا سربراهه شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزير بلديات ناصر حسين شاهه چيو ته شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي فوري بحالي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن مطابق عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ناصر شاهه شهر ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀني مخدوش عمارتن جي فهرست طلب ڪئي. ان سان گڏ هن ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيڪنيڪل ڪميٽي ٺاهڻ جو به حڪم ڏنو ته جيئن شهر جي انفرا اسٽرڪچر جي بهتري لاءِ مؤثر منصوبا تيار ٿي سگهن.