ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پينشن ۾ ڪٽوتي،ٻين صوبن جي ملازمن جي برابر ڊسپيئرٽي الائونس ڏيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ۾ سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي 23 سيپٽمبر کان استادن،ڊاڪٽرن،ڪلارڪن پاران سمورن سرڪاري ادارن جي تالابندي ڪري روزاني بنياد تي احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ان احتجاج جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي نه ئي سرڪاري ملازمن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي،هن وقت سرڪاري وهنوار ٺپ لڳو پيو آهي،جڏهن ته سرڪاري ملازمن 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس ڏانهن مارچ ڪري ڌرڻو هڻڻ جو پڻ اعلان ڪري رکيو آهي