تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران خيبر پختونخواهه ۾ ٿيل تازو جلسو وڏي سياسي طاقت جو مظاهرو قرار ڏنو پئي ويو، پر زميني حقيقت اها آهي ته اهو مڪمل طور تي ناڪام ٿيو. جلسي جي جڳهه پاڻ ئي بدنظميءَ جو مثال هئي، ڪچرو، مٽي ۽ سهولتن جي کوٽ جنهن عام ماڻهن کي بيزار ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو اميد سان آيا هئا، سي پڻ مايوس ٿي واپس ويا. ميڊيا رپورٽن موجب جلسي دوران اوچتو بجلي بند ٿي وئي۔ خبر پئي ته جنريٽر هلائيندڙ کي پئسا ئي نه ڏنا ويا هئا ۽ جيڪي فنڊ رکيا ويا هئا، سي هڙپ ڪيا ويا، سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن هڪ جلسي لاءِ مقرر ڪيل وسيلا شفاف طريقي سان استعمال نه ٿين ته پوءِ ان سياسي پارٽي جي حڪومت جي وڏن منصوبن تي ڪهڙو ڀروسو ڪري سگهجي ٿو؟ شرڪت ڪندڙن جو انگ انتهائي گهٽ هو.جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته عوام جو اعتماد پي ٽي آءِ تان ختم ٿي رهيو آهي۔
ان کان وڌيڪ شرمناڪ صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور جلسو وقت کان اڳ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيو ۽ سندس گارڊز کي لٺبازي ڪندي رستو ٺاهڻو پيو۔ اهو منظر اقتدار جي غرور ۽ سياسي نااهليءَ جو واضح اظهار هو۔ جلسي کان پوءِ نٿيا ڳلي ۾ ٿيل دعوت تي پارٽي اڳواڻن جي پاڻ ۾سخت لفظن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، الزام تراشي ۽ تنقيد جو سلسلو ايترو وڌي ويو جو آخرڪار علي امين گنڊا پور ڪاوڙ ۾ نڪري ويو ۽ اهو چوندي دروازو روز سان بند ڪري ڇڏيو ته: "اڳتي جلسا پاڻ ڪيو۔” اهي جملا پارٽي جي اندروني ڀڃ ڊاهه جو واضع ثبوت هئا۔ پر سڀ کان ڳڻتي جوڳو پهلو عوامي وسيلن جي بربادي آهي۔ رپورٽن مطابق هن فلاپ جلسي تي 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا۔ سرڪاري گاڏيون، عملي ۽ مشينري سياسي شو لاءِ استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته عوام کي اڃا تائين تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي چڪرين بنيادي ضرورتن لاءِ تڪليفون سهڻيون پون ٿيون۔
هي جلسو واضع ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ هاڻي تبديليءَ ۽ سڌاري بدران نمائشي سياست تي ڀاڙي رهي آهي۔ عوام جي اميدن کي ٽوڙي، وسيلن کي ضايع ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي اڳواڻن جي جهيڙن ۾ ڦاسڻ ڪنهن به سياسي جماعت لاءِ زوال جو وڏو ثبوت آهي۔ پي ٽي آءِ جو هي ناڪام شو مستقبل ۾ عوامي اعتماد وڃائڻ جو پيش خيمو ثابت ٿي سگهي ٿو۔
ان کان وڌيڪ شرمناڪ صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور جلسو وقت کان اڳ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيو ۽ سندس گارڊز کي لٺبازي ڪندي رستو ٺاهڻو پيو۔ اهو منظر اقتدار جي غرور ۽ سياسي نااهليءَ جو واضح اظهار هو۔ جلسي کان پوءِ نٿيا ڳلي ۾ ٿيل دعوت تي پارٽي اڳواڻن جي پاڻ ۾سخت لفظن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، الزام تراشي ۽ تنقيد جو سلسلو ايترو وڌي ويو جو آخرڪار علي امين گنڊا پور ڪاوڙ ۾ نڪري ويو ۽ اهو چوندي دروازو روز سان بند ڪري ڇڏيو ته: "اڳتي جلسا پاڻ ڪيو۔” اهي جملا پارٽي جي اندروني ڀڃ ڊاهه جو واضع ثبوت هئا۔ پر سڀ کان ڳڻتي جوڳو پهلو عوامي وسيلن جي بربادي آهي۔