تقرير ته زبردست هئي، اندازِ بيان ۾ به اعتماد جهلڪ رهيو هو، پر هڪ غير متوقع تڪرار وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير تي شڪن شبهن جا پاڇا به پيل نظر آيا وزيراعظم جي وفد ۾ هڪ برطانوي شهري عورت کي شامل ڪيو ويو، جيڪا مبينا طور ماضيءَ ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھُو جي مداح رهي چڪي آهي ۽ 2023ع ۾ پاڪستان حڪومت کان تمغه امتياز به حاصل ڪري چڪي آهي. جڏهن اها خاتون گڏيل قومن ۾ وزير دفاع خواجه آصف جي پويان ويٺل ڏٺي وئي ته سوشل ميڊيا تي سوال اٿيو ته اسرائيل سان دوستيءَ جي کليل حمايت ڪندڙ اها عورت پاڪستاني وفد ۾ ڇا پئي ڪري؟
خواجه آصف فوري طور انهيءَ عورت کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ ان کي سرڪاري وفد ۾ شامل ڪرڻ جي ذميواري پرڏيهي وزارت تي وڌي ڇڏي. پرڏيهي وزارت تڪڙو بيان جاري ڪيو ته انهيءَ عورت جو نالو پرڏيهي وزارت جي منظوري سان پاڪستاني وفد ۾ شامل نه ڪيو ويو هو. پر ان عورت جو دعويٰ هئي ته هوءَ وزيراعظم جي تقرير لکندڙ (اسپيچ رائيٽر) آهي. سوال پيدا ٿيو ته اسرائيل سان دوستيءَ جي حمايت ڪندڙ هڪ برطانوي شهري پاڪستان جي وزيراعظم جي تقرير لکڻ واري ڪردار تائين ڪيئن پهتي؟ وزيراعظم ته جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي غزه ۾ اسرائيل جي ظلم جي سخت مذمت ڪئي، پر ساڳئي وقت سوشل ميڊيا وزيراعظم، وزير دفاع ۽ وزير خارجا سان گڏ انهيءَ اسرائيل نواز عورت جون تصويرون سانچي وڌيون. انهن تصويرن وزارت خارجا جي وضاحت کي مذاق بڻائي ڇڏيو.
هڪ ٻيو بحث به شروع ٿيو ته وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ فوجي سربراهه جنرل عاصم منير شامل هئا، پر ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڇو موجود نه هئا؟ جڏهن ته انهيءَ ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبئو موجود هو ته پوءِ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ڇو غير حاضر هو؟ ان کان به وڏو سوال اهو اٿيو ته انهيءَ انتهائي اهم ملاقات کان پوءِ صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائڻ کان ڇو پاسو ڪيو؟ ان سموري دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف غزه جي ناڪابندي ٽوڙڻ لاءِ چاليهه کان وڌيڪ ملڪن جي بحري قافلي تي اسرائيل جي ڊرون حملن بابت به خاموش رهيا، جيتوڻيڪ انهيءَ قافلي ۾ پاڪستان جا اڳوڻا سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ ٻيا ماڻهو به شامل هئا. نيتن جو حال ته رڳو الله ڄاڻي ٿو، پر فلسطين بابت موجوده حڪومت جي پاليسي تي پاڪستاني عوام ۾ ڪيترائي خدشا جنم وٺي رهيا آهن. عوام جي سوچ اڃا به اها ئي آهي جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي هئي. پاڪستاني عوام اسرائيل کي ٻه رياستي فارمولي جي نالي تي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪئي وئي ته حڪومت لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
اهو صحيح آهي ته تحريڪ انصاف جي قيادت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو، عدليه ۽ ميڊيا کي به قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، پر جنهن ڏينهن ڪنهن معاملي تي عوام جو غم ۽ غصو حد کان وڌي ويندو، تڏهن حڪومت لاءِ سنجيده مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. تحريڪ انصاف حڪومت لاءِ ڪو وڏو خطرو نظر نه ٿي اچي. 27 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ پشاور ۾ وڏو جلسو ڪيو، پر اهو حڪومت لاءِ خطري جو سبب نه بڻيو. ٿي سگهي ٿو ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ حڪومت کي ڪو خطرو محسوس نه ٿئي، پر خيبرپختونخوا جي قبائلي علائقن ۽ آزاد ڪشمير ۾ بيچيني تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بار بار عرض ڪيو ويو آهي ته قبائلي علائقن جي ماڻهن سان باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جيڪي واعدا ڪيا هئا، سي وساري ڇڏيا ويا آهن. 17 اپريل 1948ع تي پشاور ۾ ٻن سؤ کان وڌيڪ قبائلي سردارن سان خطاب ڪندي قائداعظم قبائل جي حمايت تي کين ٿورا مڃيا هئا ۽ اعلان ڪيو هو ته “اسان کي اوهان تي مڪمل اعتماد آهي، تنهنڪري اسان وزيرستان مان فوج واپس سڏي رهيا آهيون.” انهيءَ تقرير ۾ جناح اهو به چيو هو ته “اسان اوهان جي اندرين آزادي ۾ ڪا به مداخلت نه ڪنداسين، پر اوهان کي عزت ڏينداسين ۽ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪو به فيصلو ڪنداسين، اهو اوهان جي مشوري سان ڪنداسين.” قبائلي سردارن اهو مطالبو ڪيو هو ته کين صوبائي حڪومت جي ماتحت نه رکيو وڃي، پر وفاق جي ماتحت ڪيو وڃي، جيڪو جناح تسليم ڪيو.
قائداعظم ڪيترن ئي قبائلي اڳواڻن سان خط و ڪتابت ۾ به رهندا هئا. انهن ۾ خيبر ايجنسي جي آفريدي قبيلن جو اڳواڻ ملڪ ڪي ڪي آفريدي به شامل هو، جنهن مسلمانن جي قتل عام تي انتقام وٺڻ جو اعلان ڪيو ته جناح 17 سيپٽمبر 1947ع تي کيس اپيل ڪئي ته هو پرامن رهي ۽ قتل عام جو جواب قتل عام سان نه ڏي. انهن واعدن کي سامهون رکندي 1973ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 247 شامل ڪيو ويو، جنهن تحت قبائلي علائقن کي وفاق جي ماتحت رکيو ويو. پر مئي 2018ع ۾ 25هين آئيني ترميم ذريعي انهن علائقن کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. ان ترميم ۾ تڏهوڪي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو وڏو ڪردار هو، جنهن اهو تاثر ڏنو ته ضم ٿيڻ کان پوءِ دهشتگردي ختم ٿي ويندي. افسوس ته اڄ قبائلي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي.
قبائلي علائقن جون ست ايجنسين صوبائي حصو ته بڻجي ويون، پر اڄ به هتي جا ماڻهو اهي حق نٿا مڻي سگهن جيڪي ٻين علائقن جي شهرين کي حاصل آهن. انهيءَ ناانصافي سبب 2020ع ۾ 400 کان وڌيڪ قبائلي اڳواڻن 25هين ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. انهن پنهنجي درخواست ۾ جناح جي 1948ع واري تقرير جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته 25هين ترميم قائداعظم جي واعدن جي ڀڃڪڙي آهي. سندن موقف هو ته آئين جي آرٽيڪل 239 تحت پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي، پر آرٽيڪل 247 کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. هن درخواست جون ڪجهه ٻڌنيون ٿيون، پر 26هين ترميم کان پوءِ ان تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي. هاڻي جيڪڏهن ڪو چوندو ته جناح جا واعدا ماضيءَ جو قصو آهن ۽ پارليامينٽ جو فيصلو تبديل نه ٿي سگهجي، ته جواب ۾ چيو ويندو ته پوءِ اسين اوهان جي پارليامينٽ ۽ آئين کي تسليم نٿا ڪريون. افسوس جو قبائلي علائقن ۾ رياست پاڻ آئين جي آرٽيڪل 256 جي ڀڃڪڙي ڪندي امن لشڪر جي نالي سان هٿياربند جٿن جي سهائتا ڪري رهي آهي. بدامنيءَ جو افغانستان سان به سڌو سنئون تعلق آهي. جڏهن کان صدر ٽرمپ اها خواهش ظاهر ڪئي آهي ته هو افغانستان جي بگرام ايئر بيس تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، تڏهن کان معاملا وڌيڪ پيچيده ٿي رهيا آهن. هاڻي اهو سوال زير بحث آهي ته ڇا آمريڪا بگرام ايئر بيس تائين رسائي لاءِ پاڪستان جي مدد وٺڻ چاهي ٿو؟ ڇا پاڪستان لاءِ ان تڪرار ۾ الجهڻ مفاد ۾ هوندو يا نه؟
حڪومت پنهنجي سفارتي ڪاميابين جا وڏا دعوائون ڪري ٿي، پر ٽرمپ جي انهيءَ بيان تي ڇو خاموش آهي جنهن ۾ هن چيو ته هو بگرام ايئر بيس ان ڪري واپس چاهي ٿو ڇو ته اتي کان چين جون ايٽمي تنصيبات صرف هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهن؟