ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان بنگوار ۽ محمداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ زال مڙس قتل، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد امام بخش لاڙي وٽ زرعي زمين کان واپس گھر طرف ويندڙ زال مڙس مٿان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ڇتي فائرنگ سبب مڙس گھرام بنگوار ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته سندس گھر واري پيراڻي خاتون مرڻينگ ٿي وئي واقعي بعد ھٿياربند فرار ٿي ويا واقعي بعد علائقي واسين زخمي عورت ۽ مقتول جو لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال آندو جتي زخمي عورت زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، زال مڙس جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگھي، ٻنھي ڌرين وچ ۾ ڪارنھن تڪرار تان پراڻو جھيڙو ھلندڙ آهي ھڪ واٽھڙو ۽ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، واقعي بعد ٻنھي ڌرين جا ماڻھون پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ مورچابند ٿي ويا آهن ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي.