قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي امتياز مير زندگي جي جنگ هارائي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ هفتو اڳ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير زخمن جي سٽ نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو، پوليس ۽ خانداني ذريعن موجب 21 سيپٽمبر جي رات نجي ٽي وي چينل جي سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير تي ڪالا بورڊ وٽ ان جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، واقعي وقت هو پنهنجي آفيس کان قائد آباد واري گهر ڏانهن وڃي رهيو هو، گاڏي سندس وڏو ڀاءُ محمد صالح هلائي رهيو هو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ڇهن هٿياربندن قومي شاهراهه تي گاڏيءَ مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي، فائرنگ دوران امتياز مير کي منهن ۽ سيني ۾ گوليون لڳيون ۽ کيس سخت زخمي حالت ۾ لياقت نيشل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران سندس ڀاءُ به معمولي زخمي ٿيو، سندن ڀاءُ رياض علي، جيڪو هن ڪيس جو فريادي آهي، ٻڌايو ته امتياز مير علاج دوران زندگي جي جنگ هارائي ويو آهي، صحافي امتياز مير جي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا صارفين، صحافي برادري، وڪيل برادري توڙي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران امتياز مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي، سنڌ جي صوبائي وزيرن پڻ صحافي امتياز مير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، صحافي حلقن ۽ وڪيلن چيو آهي ته سنڌ صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويو آهي، جتي قلم کڻڻ وارو هر آواز خطري ۾ آهي، امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

  1. وڏي وزير طرفان قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه صحافي ۽ اينڪرپرسن امتياز مير جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته امتياز مير جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ مرحوم صحافي جون ميڊيا ۾ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون،  ٻئي طرف پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاھ ، ناصر حسين شاهه ، ميئر ڪراچي مرتضي وھاب پڻ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

  1. امتياز مير جو قتل آزاد صحافت تي وڏو حملو آهي: قادر مگسي/ صنعان قريشي

ڪراچي: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي به سينيئر صحافي امتياز مير جي شهادت تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صحافي امتياز مير جو قتل آزاد صحافت تي وڏو حملو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته امتياز مير جو قتل آزاد صحافت ۽ حق گوئي تي هڪ وڏو وار آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت لائق ناهي، حڪومت جي نااهلي ۽ بي حسي سبب هڪ سينئر صحافي بي درديءَ سان قتل ٿيو ۽ اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جيڪو رياستي ادارن لاءِ سوال آهي، صنعان خان قريشي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾  بيباڪ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي،

  1. هڪ شخص ۽ سندس پٽن خلاف حملي جو ڪيس داخل ٿيل:ايس ايڇ او سعود آباد

ڪراچي: صحافي امتياز مير مٿان قاتلاڻي حملي ۽ شهادت بابت ايس ايڇ او سعودآباد عتيق الرحمان صحافي جي وفات جي تصديق ڪئي ۽ چيو آهي ته پوليس هڪ شخص ۽ سندس پٽن خلاف قاتلانه حملو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هي حملو جڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ زمين جي تڪرار جو نتيجو آهي، ان دوران هڪ غير معروف عسڪريت پسند گروپ به حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي، پر پوليس ان کي ناقابل اعتبار قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.