ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي مڪمل حمايت

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي هلندڙ احتجاج جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا سرڪاري ملازم گذريل هڪ هفتي کان پنهنجن جائز حقن لاءِ احتجاج تي مجبور آهن، جنهن سبب سرڪاري آفيسن جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ عام ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آهن.هن چيو ته حڪمران اقتدار جي نشي ۾ انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻجي ويا آهن، جيڪي عوامي تڪليفن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران بي حسي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. بي حس حڪمرانن کي هوش ۾ اچي فوري طور تي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي. نوان بحران پيدا ڪرڻ بدران حڪومت کي ذميواريءَ سان قدم کڻڻ گهرجي.ڊاڪٽر قادر مگسي واضح ڪيو ته ملازمن سان ناانصافي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور سرڪاري ملازمن سان ڳالهيون ڪري سندن جائز مطالبا مڃي. جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته سنڌ جو عوام ملازمن سان گڏجي پنهنجي حقن لاءِ روڊن تي نڪرندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.