حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري. پيپلز پارٽي ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي. سنڌ حڪومت پينشن ۾ ڪٽوتي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري رھي آھي ۽ بلاول ھمدردي جا ڪوڙا بيان پيو جاري ڪري. هن چيو ته فوري طور تي سنڌ ايمپلائيز الائنس جا مطالبا منظور ڪري پينشن ۾ ڪٽوتي جو نوٽيفيڪشن واپس ورتو وڃي. ڊسپرٽي ريڊڪشن الائونس ۽ گروپ انشورنس ڏئي ملازمن جو معاشي تحفظ ڪيو وڃي،هن چيو ته سنڌ ۾ بدترين معاشي حالتون آھن، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي، زرعي تباھي جي ڪري لکين خاندان بيروزگار آھن. سنڌ ۾ ڪا به نئين انڊسٽري ته نه لڳي آھي پر اڳ ۾ موجود ادارا تباھ ٿيا آھن. نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون. مھانگائي عوام جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. مزدور ۽ ھاري جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آھي. ان باوجود سنڌ ۾ طرز حڪمراني بادشاھي آھي. حڪومت چوي ٿي ته خرچ گهٽ ڪرڻا آهن. پر سنڌ ۾ وزير اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ ۽ بي تاج بادشاھ آھن ته ٻئي طرف پ پ حڪومت ايم پي ايز جون پگھارون ٽي سئو سيڪڙو وڌائي ڇڏيون آھن. سرڪاري ملازمن توڙي پورھيتن جي پگھار ۾ ڪو به اضافو نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، پينشن سرڪاري ملازم جي پيرسني جو سهارو آهي. حڪمران پنهنجا بادشاھي خرچ ختم ڪرڻ بدران انهن بزرگن جي پيٽ تي لت رکڻ چاهين ٿا