اسلام آباد (بيورو) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) غيرقانوني اميگريشن ۾ ملوث پنهنجا ئي ٻه اهلڪار گرفتار ڪري ورتا، ترجمان ايف آءِ اي موجب، هي ڪارروائي ڊائريڪٽر اسلام آباد زون جي هدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر (اميگريشن) سلمان لياقت جي نگراني ۾ ايئرپورٽ تي اميگريشن عملي جي اوچتي چيڪنگ دوران ڪئي وئي، هڪ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي ڊيوٽي دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ تي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو، جن جي موبائل فونز مان غيرقانوني اميگريشن سان لاڳاپيل اهم ثبوت مليا، شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته ٻئي اهلڪار مسافرن ۽ ايجنٽن سان رابطي ۾ هئا ۽ في فرد 50 هزار رپيا وٺي فلپائن ۽ ازبڪستان موڪلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن جي موبائل فونن مان ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ به هٿ آيو، جيڪي مائڪرو فنانس اڪائونٽس ذريعي وصول ڪيا پئي ويا، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪري ٻنهي کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو .